اسلام آباد (بيورو) آءِ ٽي جي وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته سعودي عرب جي ويجهو سب ميرين ڪيبل ڪٽجڻ سبب پاڪستان جي ڪيترن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي رفتار گهٽجي وئي آهي، بين الاقوامي ادارن طرفان ڪيبل جي درستگي جو وقت نه ٻڌايو ويو آهي، ڪيبل کي ڪهڙي نوعيت جو نقصان پهتو، ان جو جائزو ورتو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انٽرنيٽ جي سست رفتاري جو هي مسئلو سعودي عرب کان آهي، اسان انهن سان رابطي ۾ آهيون، جيئن ئي ڪيبل ٺيڪ ٿيندي، اسان پاڪستاني عوام کي اطلاع ڏينداسين، پاڪستان ۾ اصل مسئلو براڊ بئنڊ اسپيڪٽرم جي کوٽ آهي، پي ٽي سي ايل اختيارين سان رابطي ۾ آهيون،