سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اي ايس آءِ جي ڀرتين خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿيل اي ايس آءِ جي ڀرتين خلاف  ۾ درخواست داخل تي ٻڌڻي ڪندي چيف سيڪريٽري، چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڌرين کان چئن هفتن ۾ جواب به طلب ڪيو ويو، درخواستگذار جي وڪيل نواز ڏاهري درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته درخواستگذار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي اي ايس آءِ عهدي لاءِ في ميل ڪوٽا تي اپلائي ڪيو هو، درخواستگذار لکت واري امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ميرٽ جي لسٽ ۾ نائين نمبر تي هئي پر درخواستگذار کان گهٽ نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي نوڪري ڏني وئي، زباني امتحان ۾ درخواستگذار کان غير ضروري سوال ڪيا ويا، امتحان وٺندڙ آفيسرن جو رويو به سنجيده نه هو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن به درخواستگذار جي اپيل کي سنجيدگي سان ناهي ٻڌو، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته درخواستگذار جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي نوڪري ڏيڻ واري عمل کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

  1. ممڪن آهي ته سمنڊ برساتي پاڻي شامل نه ڪري، شهري صبر ڪن: مرتضيٰ وهاب

 ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضىٰ وهاب چيو آهي ته موجوده موسم سمنڊ جي سطح بلند آهي جنهن ڪري امڪان آهي ته هو برسات جو پاڻي نه وٺي سگهي. هن شهرين کي صلاح ڏني ته برسات دوران صبرکان ڪم وٺن.پريس ڪانفرنس دوران ميئر ڪراچي چيو ته 22 آگسٽ تي ٿيل پريس ڪانفرنس ۾ جماعت اسلامي جي 9 ٽائونز کي فنڊن جي ادائيگيبابت تفصيل پيش ڪيا ويا هئا، جنهن کان پوءِ تبديلي نظر آئي آهي. هن چيو ته، "هاڻي اهي ٽائون چيئرمين جيڪي اڳي اختيارن ۽ وسيلن جي کوٽ جي شڪايت ڪندا هئا، انهن کي احساس ٿيو آهي ته مسئلو وسيلن جو نه پر نيت جو آهي . ميئر وڌيڪ چيو ته  کان 10 سيپٽمبرتائين ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي . مرتضىٰ وهاب دعويٰ ڪئي ته نالن جي صفائي سبب اڳيون برساتي پاڻي آساني سان نڪري ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.