شيخ اياز يونيورسٽي معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم، ملازم هٿ نه آيو، ڇاپا

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي )شيخ اياز يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ واري معاملي ۾   يونيورسٽي اٽينڊنٽ جي گھر تي پوليس جي ڇاپن جو سلسلو هلندڙ، الزام هيٺ آيل ملازم هٿ نه آيو، ملازم جو فون به بند، عيوضي ۾ گرفتار ٿيل سندس ڀاءٌ بااثر جي فون تي آزاد، انتظاميه الزام ھيٺ آيل اٽينڊنٽ کي معطل ڪري ڇڏيو ، اٽينڊنٽ خلاف شڪايت ڪندڙ شاگردياڻي کي يونيورسٽي انتظاميا گھرائي معلومات ورتي، جاچ ڪاميٽي قائم، اڄ ٻيھر  شاگردياڻي ڪاميٽي اڏو پيش ٿيندي ۽ بيان رڪارڊ ٿيندو، جاچ ڪاميٽي ستن ڏينهن ۾ شفاف جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي، سب رجسٽرار بختيار ڪٻر ۽ سينڊيڪيٽ ميمبر  ايم پي اي عارف خان مھر  ميڊيا تي ھلندڙ خبرن جو نوٽيس ورتو، شيخ اياز يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين کي هراسان ڪري بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل اٽينڊنٽ طارق ڦلپوٽو فرار ٿي ويو، ملازم جو فون نمبر پڻ بند پيل آھي، جڏھن ته پوليس طرفان کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ  گھر تي پوليس ڇاپن جو سلسلو ھلندڙ آھي، گھر ڀاتي پوليس جي خوف کان گھر کي تالو لڳائي اڻڄاتل ھنڌ تي ھليا ويا، جڏھن ته يونيورسٽي انتظاميا فرار ٿيل يونيورسٽي ملازم کي معطل ڪري ڇڏيو،  انتظاميا پاران ڊاڪٽر وينگس اياز، پروفيسر ڊاڪٽر رياض سومرو، ڊاڪٽر محمود حسن، مسز ثنا معراج بگٽي تي ٻڌل جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آھي جيڪا معاملي جي ستن ڏينھن اندر جاچ ڪري رپورٽ يونيورسٽي انتظاميا کي پيش ڪندي، جڏھن ته يونيورسٽي انتظاميا اٽينڊنٽ مٿان هراسمينٽ بليڪ ميلنگ جو مبينه الزام لڳائيندڙ شاگردياڻي خ سومرو کي طلب ڪري معلومات ورتي، اڄ کيس ٻيھر جاچ ڪاميٽي اڏو پيش ٿي لکت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو ويو، جڏهن ته  ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد سينڊيڪٽ جي ميمبر ايم پي اي عارف خان مھر يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي هراسان ۽ بليڪ ميلنگ واري معاملي جو نوٽس ورتو، وي سي شيخ اياز يونيورسٽي زاھد کنڊ ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ سان فون تي رابطو ڪري معاملي جي شفاف جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ ۽ الزام ھيٺ آيل ملازم خلاف ڪارروائي جي ھدايت ڪئي آھي، ان حوالي سان سب رجسٽرار بختيار ڪٻر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته الزام ھيٺ آيل اٽينڊنٽ کي معطل ڪري جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آھي جيڪا ستن ڏينھن اندر جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي، اڄ اسان ھڪ شاگردياڻي کي گھرايو ھو جنھن ٻڌايو ته مون ڪا به شڪايت ناھي ڪئي شاگردياڻي ٿورو منجهل ھئي اڄ کيس ٻيھر ڪاميٽي اڏو گھرايو ويندو، ھن چيو ته اسان اڄ پوليس کي پڻ گھرايو ھو پوليس کان معلومات ورتي پوليس به ٻڌايو آھي ته اسان وٽ لکت ۾ ڪنھن به شڪايت داخل ناھي ڪرائي ھوڏانھن پوليس  گذريل ڏينھن ڇاپي دوران عيوضي ۾ گرفتار ٿيل طارق ڦلپوٽو جي  ڀاءُ تحسين ڦلپوٽو کي پوليس با اثر جي فون بعد آزاد ڪري ڇڏيو.

  1. بيگناهه آهيان، ڪنهن کي بليڪ ميل ناهي ڪيو: طارق ڦلپوٽو

شڪارپور: شاگردياڻي کي بليڪ ميل ۽ هراسان ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل ملازم طارق ڦلپوٽو پھنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته مان بيگناھ آھيان مان ڪنھن کي به بليڪ ميل ناھي ڪيو ٻارنھن سال ٿي ويا  آهن يونيورسٽي ۾ ڪڏھن به ڪنھن شڪايت ناھي ڪئي، شفاف جاچ ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي، جڏھن ته سندس والد عطا محمد ڦلپوٽو رابطي ڪرڻ تي عوامي اواز کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ بيگناھ آھي، مٿس الزام ڪوڙا آھن، پوليس گرفتار ڪيل پٽ کي آزاد ڪيو آھي بار بار پوليس گھر تي چڙھائي ڪري ٿي ان ڪري گھر کي تالو ھڻي اساڻ ٻئي ھنڌ آيا آهيون، ھن چيو ته مان ۽ منهنجي گھر واري بيمار آھيون مھنجي پٽ جو فون به بند آھي، جڏھن ته ڊي ايس پي پارس بکراڻي ميڊيا کي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان ۽ ايس ايس پي شاھزهب چاچڙ يونيورسٽي واري معاملي کي ڏسي رھيا آھيو معاملي جي جاچ ھلندڙ آھي .

  1. شڪايت ڪندڙ شاگردياڻي جي ڀاءُ ۽ طارق ڦلپوٽو ۾ جهيڙو ٿيو هو: ذريعا

شڪارپور: مبينا بليڪ ميلنگ ۽ هراسمينٽ جي شڪايت ڪندڙ شاگردياڻي خ بابت ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته شاگردياڻي  شھر جي صدر پاڙي  جي رھواسڻ آھي سندس والد  ليڪچرار آھي، ڪجھه ڏينھن پھريان الزام ھيٺ آيل طارق  ڦلپوٽو سان سندس ڀاءُ جو جهيڙو پڻ ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.