لاهور (بيورو ) لاهور ۾ اٽي جو بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو ، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلو 1350 رپين کان وڌي 1810 رپين تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته مارڪيٽن مان 10 ڪلو ۽ 20 ڪلو اٽي جا ٿيلها مڪمل طور غائب ٿي ويا آهن، کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ صرف ٽن هفتن اندر اٽي جي اگهن ۾ به حيران ڪندڙ واڌ ٿي آهي، جولاءِ جي آخر تائين 20 ڪلو جو ٿيلو 1350 رپين ۾ موجود هو، پر هاڻ سرڪاري اگهه 1810 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 10 ڪلو جو ٿيلهو 850 رپين کان وڌي 1100 رپيا ٿي ويو، مارڪيٽن مان اٽو غائب ٿيڻ کانپوءِ دڪاندارن 15 ڪلو جو ٿيلهو 1750 رپين ۾ وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته بحران جو مک ڪارڻ ڪڻڪ جي اگهن ۾ واڌ ۽ سپلائي جي گهٽتائي آهي.فلور ملز ايسوسيئيشن جي ذريعن موجب، ڪڻڪ جي في مڻ قيمت 2300 رپين کان وڌي 3000 رپيا ٿي وئي آهي.