380 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو: ترجمان سنڌ سرڪار

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت سنڌ جي پهرين ترجيح آهي ۽ صوبائي حڪومت هر وقت عوام سان گڏ بيٺل آهي۔هڪ بيان ۾ هن ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تي ريسڪيو ٽيمون رات ڏينهن متاثر علائقن ۾ سرگرم آهن ۽ متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي،هن ٻڌايو ته هن وقت پنجند ۽ تريمون تي سيلابِي ريلن جي سڀ کان خطرناڪ صورتحال آهي، جڏهن ته گڊو تي وچولي سطح جي ٻوڏ آهي،  گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي ۾ حالتون ضابطي ۾ آهن. هن جي مطابق پنجند ۾ پاڻي جي مٿانھين ۽ ھيٺانھين وھڪرا ٻئي 524,762 ڪيوسڪ آهن، جيڪي تمام وڏي سطح آهي، هن چيو ته 31 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين جاري رهندڙ ريسڪيو آپريشنن دوران مختلف ضلعن مان گڏيل طور تي 380 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. سڀ کان وڌيڪ سرگرميون ضلعي سکر ۾ ٿيون، جتي امام بخش جتوئي، بشيرآباد ۽ حاجي فقير محمد جتوئي سميت مختلف ڳوٺن مان 69 ماڻهن کي ڪڍيو ويو۔ اهڙيءَ طرح شهيد بينظير آباد مان 147 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، نوشهروفيروز ۾ ڇهن ڏينهن دوران 147 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو  خيرپور ميرس ۾ ڳوٺ گل حسن مان 5 ماڻهن کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو،هن چيو ته مقامي انتظاميه ۽ صوبائي حڪومت جي سهڪار سان ٻوڏ متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وئي آهي ۽ هي سلسلو جاري رهندو.

  1. ٻوڏ جي نقصانن ۾ حڪمرانن جون نااهليون به شامل آهن:حافظ نعيم

منڊي بهاءُالدين (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۾ حڪومتن جي نااهلين جو به وڏو حصو شامل آهي، حافظ نعيم الرحمان پنجاب جي قادرآباد ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ الخدمت فائونڊيشن جي رضاڪارن سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته پھاليه ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ جاري امدادي سامان جو به جائزو ورتو.گجرات ۾ ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته سالن کان مڙهيل حڪمران عوامي مسئلن جا ذميوار آهن، ملڪ ۾ ٻوڏ سبب بحراني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، قدرتي آفتن کي اسين الله تعاليٰ جي آزمائش سمجهون ٿا ۽ ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، پر هن ۾ حڪمرانن جون به ڪيتريون ئي ناڪاميون شامل آهن، وقت تي قدم نه کڻڻ سبب عوام کي ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن.

  1. ڪراچي ۾ اڄ سمورا تعليمي ادارا معمول موجب کليل رکڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اڄ سمورا تعليمي ادارا معمول موجب کليل رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نجي ٽي وي موجب سنڌ جي تعليم کاتي وضاحت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون معمول موجب کليل رهنديون، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ نوٽيفڪيشن جعلي آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي ڪٿي به عام موڪل جو اعلان نه ڪيو آهي، جيڪڏهن ادارا بند ڪرڻ جو ڪو فيصلو ٿيو ته اهو موجوده صورتحال کي ڏسندي ڪيو ويندو ۽ عوام کي وقت سر آگاهه ڪيو ويندو، سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ جاري ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ نوٽيفڪيشن مڪمل طور تي جعلي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.