خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جي صوبن ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏن کانپوءِ هاڻي ٻوڏ ۽ چئوماسي جي برساتن جي آخري اسپيل سنڌ جو رخ ڪري ڏنو آهي يعني سنڌ هڪ ئي وقت ٻوڏ ۽ برساتن جي ور ڇڙهي وئي آهي. برساتن جي نئين سلسلي سڄي سنڌ کي وهنجاري ڇڏيو آهي. اها صورتحال ساڳي وقت سنڌ حڪومت جي تياري جو به ممڪن آهي ته هن سال جو آخري امتحان هجي جو چئوماسي جي برساتن جو سنڌ ۾ داخل ٿيل هي آخري اسپيل آهي.
هي برساتي سلسلو آچر 7 سيپٽمبر کان شروع ٿيو آهي جيڪو موسميات کاتي موجب 11 سيپٽمبر تائين هلڻو آهي ۽ پوءِ اها موسمي برسات پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي. ٽيون ڏينهن سنڌ ۾ جيڪا برسات پئي تنهن بابت رپورٽ آهي ته مختلف شهرن جا هيٺانيهن وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، شهرن جي روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو. ڪافي شهرن ۽ علائقن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري روڊن تي پاڻي تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. جيتوڻيڪ چئوماسي جي برسات وقفي وقفي سان ٿيندي آهي پوءِ به موصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويندو آهي. برساتي پاڻي سبب گٽرن جا نالا پڻ اٿلي پيا آهن. بجلي جو نظام پڻ برسات ايندي ئي تباهه ٿي ويو. هي احوال ته رڳو وڏن شهرن جو آهي پر ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين جي برساتن ۾ ڪيڏي نه بدتر صورتحال هوندي.
بهرحال هن ڀيري صدر مملڪت آصف علي زرداري جيڪو پاڻ سنڌ سان تعلق رکي ٿو ۽ سنڌ ۾ سندس پارٽي جي وڏي عرصي کان لاڳيتو حڪومت آهي تنهن سنڌ ۾ چئوماسي جي شديد برساتن کي ڏسندي صوبائي سرڪار ۽ مڪاني ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت برساتي لهر جي موجوده امتحان کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي. ان حوالي سان اسان پهريون به ايڊيٽوريل ۾ لکيو هو ته 19 اگسٽ تي سنڌ ۾ پيل برسات ۾ حڪومت جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري هئي تنهن روشني ۾ اڇا اها ايندڙ برساتي اسپيل ۾ وڌيڪ بهتر انتظام ڪري سگهي ٿي يا نه. اصولي طور تي اسان جو خيال آهي ته سنڌ ۾ پ پ کي لاڳيتو چوٿون ڀيرو حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ۽ هاڻي ته ڪراچي ۾ ميئر به پ پ جو آهي تنهن ڪري حڪومت کي هر حوالي سان پنهنجي سٺي حڪومتي ٽيم ٺاهي گڊگورننس جا مثال قائم ڪرڻ گهرجن پر افسوس ته ايڏو عرصو سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ باوجود پ پ سرڪار ۽ ان جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه مثالي حڪومت ڪرڻ ۾ ته ناڪام ويو آهي پر سندس حڪومتي ڪارڪردگي بجاءِ ان جي ته هر گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سٺي کان سٺي ٿيندي رهي اها الٽو بدکان بد ئي ٿيندي ٿي وڃي. اب هي معنيٰ ڇا اها سمجهي وڃي ته سنڌ جي واڳ سڀناليندڙ وڏي وزير ۾ سٺي حڪومت ڪرڻ جي صلاحيت ناهي؟؟؟
جڏهن ته ٻئي پاسي پنجاب صوبي ۾ پهريون ڀيرو خاتون وزير اعليٰ مريم نواز جي حڪومتي ڪارڪردگي کي پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سميت سڀ ئي ساراهي رهيا آهن. اها ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي ته مخالف جماعت جو اڳواڻ به تسليم ڪري ٿو ته مريم نواز جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي پر پ پ جي سنڌ حڪومت لاءِ هر ڪو تنقيد ڪندو آهي ته سڀ کان وڌيڪ بيڊگورننس سنڌ ۾ آهي جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ سيد مراد علي شاهه توڙي پ پ لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي پر سنڌ حڪومت ۽ وڏو وزير بجاءِ ان جي ته پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي بهتر کان بهتر ڪري اهو ان کي پنهنجي خلاف منفي پروپيگنڊا سمجهي کلندي نظر انداز ڪندو رهيو آهي جيڪو هاڪاري رويو ناهي.
سنڌ حڪومت ۽ پ پ جي قيادت کي سنجيدگي سان پنهنجي ڪارڪردگي جو ميرٽ تي جائزو وٺڻ گهرجي ۽ ان کي بهتر کان بهتر ڪرڻ تي سوچڻ گهرجي. اخباري رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر آصف زرداري جڏهن سنڌ ۾ آيو هو ته هن سنڌ جي سڀني وزيرن سان گڏجاڻي ڪئي هئي جنهن ۾ هن سنڌ جي وزيرن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ به ڏيکاري هئي ۽ اهو به چيو هو ته اسان جا وزير حڪومت جي سٺي ڪارڪردگي عوام ۽ ميڊيا جي آڏو رکڻ بجاءِ پنهنجي پزيرائي ۾ پورا آهن. مطلب ته صدر زرداري جو اهو خيال آهي ته حڪومت جي سٺي ڪارڪردگي جي شايد اونئن ايڊورٽئيز نه ٿي ڪئي وڃي جيئن ڪرڻ گهرجي. سو اسان جو خيال آهي ته صدر زرداري کي پارٽي جي سربراهه طور سنڌ حڪومت جي حقيقي ڪارڪردگي معلوم ڪرڻ تي زور ڏيڻ گهرجي ها ۽ ان حوالي سان کين ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪردار مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. ٻڌائيندا آهن ته ذوالفقار علي ڀٽو هميشه پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي بابت سچي رپورٽ معلم ڪرڻ چاهيندو هو. سندس خيال هوندو هو ته مون کي ڪوڙي ۽ خوشامد اري رپورٽ نه پر حقيقي رپورٽ کپي ته جيئن سٺي حڪومت ڪري سگهجي پر هاڻوڪا حڪمران حقيقي رپورٽن تي چڙن ٿا ۽ اهي سڀ ٺيڪ آهي ۽ سڀ بهترين آهي واريون رپورٽون وٺڻ چاهيندا آهن. ممڪن آهي ته سنڌ حڪومت جي بيڊ گورننس جو هڪ سبب اهو به هجي ته اها حقيقت جي اکين ۾ اکيون ملائي نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ملائڻ چاهي ٿي.
سو پ پ جي سنڌ حڪومت کي هاڻي به وقت آهي ته اها گڊگورننس لاءِ پنهنجيون سموريون صلاحيتون استعمال ڪري ۽ ثابت ڪري ته سڄي ملڪ اندر سڀ کان سٺي حڪومت پ پ جي آهي. ان حوالي سان به هي موجوده برساتي سلسلو ۽ ٻوڏ جي صورتحال سنڌ حڪومت لاءِ تازو ترين امتحان آهي. حڪومت کي ٻوڏ توڙي برسات کي منهن ڏيڻ جا جيڪي اڳواٽ انتظام ڪرڻ گهربا هيا سي رپورٽنگ موجب ٿيل نظر نٿا اچن ٻيو ته ڇڏيو برساتي پاڻي جي نيڪال جو ئي نظام سنڌ حڪومت بهتر نه ڪري سگهي آهي. هڪڙن مبصرن جو چوڻ آهي ته اسان جون حڪومتون قدرتي آفتن، ٻوڏن ۽ برساتن کي ڪمائي جو ذريعو سمجهنديون آهن ۽ ٻاهرين ملڪن کان مالي امداد وٺڻ جو ماحول ٺاهڻ ۾ وڌيڪ مطمعن هونديون آهن، ڇا اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته حڪومت پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان مبصرن جي اهڙن تبصرن کي رد ڪري ڏيکاريندي؟