فطرت سان ڇيڙڇاڙ نه رڳو ماحول کي نقصان پهچائيندي آهي، پر انساني زندگيءَ لاءِ پڻ سنگين خطرا پيدا ڪري ٿي۔ پوپ فرانسز موجب "جيڪڏهن اسان فطرت سان جهيڙو بند نه ڪنداسين، فطرت آخرڪار اسان کي تباه ڪري ڇڏيندي.” پاڪستان موسمياتي تبديليءَ جي اثرن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. گذريل ڏهاڪن ۾ ملڪ ۾ گرميءَ جا رڪارڊ ٽٽڻ لڳا آهن، خشڪ سالي توڙي بي ترتيب برساتون جيڪي اڳتي هلي ٻوڏون جي شڪل اختيار ڪري رهيون آهن. هر سال پهريان کان وڌيڪ گرمي جون لهرون، تمام گهڻيون برساتون، سياري جو دير ٿيڻ ۽ پهاڙن تي برف باري دير سان ٿيڻ شهرن ۾ سياري جي مند ۾ شديد خشڪ هوائون ۽ وري شديد سموگ، فوگ اڳتي وري انهن جا اثر انساني زندگي، معيشت، صحت ۽ ماحولياتي نظام لاءِ پڻ وڏو خطرو آهي۔
گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين واري اداري جي رپورٽ مطابق ٻيلن جي بي رحميءَ سان ڪٽائي موسمياتي تبديليءَ کي تيز ڪري رهي آهي. وڻ هوا صاف ڪن ٿا، مينهن کي جذب ڪن ٿا ۽ ٻوڏ کي روڪين ٿا، پر لکين وڻ ختم ٿيڻ سبب گرمي وڌي رهي آهي، برساتن جا نمونا بدلجي رهيا آهن ۽ قدرتي آفتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي۔ جيڪڏهن درياهن جا وهڪرا آزاد رهندا، ته قدرتي نظام متوازن رهي ٿو ۽ ٻوڏن، خشڪ سالين ۽ زرعي نقصان کان بچاءُ ممڪن ٿئي ٿو.
پاڪستان ۾ اها وڏي بدقسمتي آهي جيڪڏهن بارشون معمول کان گهٽ ٿين ته نون ڊيمن جي گهر يا وري جڏهن برساتون گهڻيون پوڻ يا گليشيرز جو تيزي سان پگهرجڻ ڪري ٻوڏون جي صورتحال کان پوءِ وري ڊيمن جي گُهرَ ڪئي ويندي آهي۔ جڏنهن ته عالمي تحقيقون واضع ڪن ٿيون ته ڊيم ٻوڏ کي روڪڻ جو مستقل حل نه آهن. اهي صرف پاڻي ذخيرو ڪن ٿا، پر جڏهن ڀرجي وڃن يا اضافي پاڻي ڇڏڻو پوي ٿو، ڊيم ٻوڏن ۽ سخت برساتن کان پاڻ کي محفوظ بڻائڻ جو حل ڪونهن. پوئين سال نائيجيريا ۾ سخت ٻوڏ جي تباهي کان پوءِ ڊيمن جا بند ڀڄي پيا آهن. جتي تقريبن 36 رياستن مان 28 رياستن ۾ شديد ٻوڏ جي صورتحال جنم ورتو، هزارين ماڻهن جون زندگيون ضايع ٿيون ۽ لکين ماڻهون بي گهر ٿيا۔ ٻه سال اڳ 2023ع دوران لبيا ۾ تيز برساتن جي ڪري ڊيم ٽٽي پيا، جنهن جي ڪري تقريبن 24 هزار کان مٿي انساني زندگيون ضايع ٿيون۔ وري هن سال 2025، ڀارت ڊيمن وسيلي پاڪستان جو پاڻي روڪي خشڪ سيلي ۽ پاڻي جي ڪمي ۾ اڃا وڌيڪ اضافو پڻ ڪيو وري سانوڻ ۾ تيز برسات پوڻ ڪري ڊيم جو ڀرجي وڃڻ ڪري ڊيم مان تمام گهڻي مقدار ۾ پاڻي ڇڏڻ سبب پنجاب جي ٽي 3, درياھ جيڪي سالن کا خشڪ هيا، اتي وڏيون ٻوڏون آيون ۽ ڪيترائي شهر متاثر ٿيا. ڊيم درياهن جي قدرتي وهڪري کي بگاڙين ٿا، آبي حياتيات کي نقصان پهچائين ٿا ۽ ڊيلٽا ۽ ساحلي علائقن لاءِ خطرا پيدا ڪن ٿا.
سنڌ ۾ ملڪ جي طاقتور حلقن طرفان ڊيم پاليسي ۽ پاڻيءَ جي ارسا طرفان غلط ورهاست سبب سنڌو پاڻي جي قلت جي ڪري انسان توڙي فصل ۽ پاڻي جي جيوت، جنهن ۾ مڇي جي پيداوار ۽ انڌي ٻلهڻ (ڊولفن ) شديد متاثر ٿي رهيون آهن، فصلن جي اپت گهٽجي رهي آهي، جنهن ڪري سماجي توڙي نوان معاشي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن انڊس ڊيلٽا تباهي طرف وڃي رهيو آهي ۽ تمر جي ٻيلا مينگروز تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن، جيڪي سامونڊي طوفان کان بچاءُ لاءِ قدرتي ديوار جو ڪم ڪندا هئا.
سمنڊ کي مناسب مقدار ۾ درياهه جو تازو پاڻي نه ملڻ ڪري سمنڊ سالانه هزارين ايڪڙ آباد زمين پنهنجي پيٽ ۾ سمائي رهيو آهي، جنهن سان ساحلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي مٺي پاڻي توڙي رهائش ۽ معيشت جو شديد بحران آهي. پاڻي جي شديد کوٽ سبب ڊيلٽا ۽ ان جا وسيلا انتهائي خطري ۾ آهن. اڳ ۾ 18 لک هيڪٽرن تي پکڙيل دنيا جو ستين نمبر وڏو تمر جا ٻيلا جيڪي هاڻ صرف 5 لک هيڪٽرن تائين محدود ٿي چڪا آهن، ۽ سنڌو جي تازي ۽ مٺي پاڻي جي کوٽ سبب تمر جا ڪيترا ئي نسل ختم ٿي ويا آهن، جيڪي 6نسلن مان صرف 2 نسلون بچيونسل بچايا آهن. هڪ رپورٽ موجب سمنڊ اڳ ۾ ئي 45 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، ۽ هر روز جي بنياد تي 5 ايڪڙ وڌيڪ زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي.
جيڪڏهن ارسا جي مطابق سنڌو جو تازوپاڻي سمنڊ تائين نه پهچندو، ته سنڌ جا ساحلي علائقا تباهه ٿي ويندا ۽ ماڻهن جي زندگي سخت متاثر ٿيندي. تنهنڪري هاڻ وقت آهي، ته سنڌوءَ جي ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ته جيئن سامونڊي زندگي، انساني زندگي، زرعي پيداوار ۽ سماجي ۽ فطري استحڪام قائم رکي رهي۔ گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي سينٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي 11 مارچ 2015 جي رپوٽ موجب جيڪڏهن موجوده صورتحال جاري رهي، ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ سامونڊي پٽي جنهن ۾ ڪراچي، ٺٺو هميشه ۾ سمنڊ برد ٿي سگهن ٿا۔
قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ ادارا موجود آهن، پر انهن وٽ جديد اڳواٽ خطري جي آگاهي جو نظام نه هجڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان وڌي ٿو. جيڪڏهن ماڻهن کي وقت سر اطلاع ملي ها ته ڪيترين زندگين کي بچائي سگهجي ها، پر هر سال اهو نظام ناڪام ٿئي ٿو. عالمي بئنڪ جي 2022 جي جائزي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته گرميءَ جي لهرن ۽ ٻوڏن سبب انساني زندگي سخت خطري ۾ آهي. پاڻيءَ ۽ خوراڪ جي کوٽ غربت ۽ بيمارين کي وڌائي رهي آهي ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن موجوده حالتون جاري رهيون، ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ پاڪستان ۾ ڪروڙين ماڻهو ماحولياتي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا، جيڪو هڪ وڏو انساني بحران پيدا ڪري سگهي ٿو۔
موسمياتي تبديليءَ جي بنيادي مسئلن جو اصل ۽ حقيقي حل فطرت سان گڏجي هلڻ ۾ آهي. درياهن ۽ نالن تان قبضا ختم ڪرڻ، پاڻيءَ جا قدرتي رستا بحال ڪرڻ، وڻ گهڻا پوکڻ، ساحلي علائقن ۾ مينگرووز کي ٻيهر پوکڻ، جديد اڳواٽ خطري جي آگاهي جو نظام قائم ڪرڻ ۽ صاف توانائيءَ جي ذريعن کي فروغ ڏيڻ ئي زندگيءَ جي بقا جو ضامن آهي. جيستائين اسان فطرت سان جهيڙو بند نه ڪنداسين ۽ ان سان گڏجي نه هلنداسين، موسمياتي تبديليءَ جا اثر هر سال وڌيڪ خطرناڪ ٿيندا. انساني زندگين ۽ حقن کي بچائڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. حڪومت کي موسمياتي تبديلي بابت پائيدار پاليسيون ٺاهڻ گهرجن، جنهن ۾ آفتن کان بچاءُ جا مضبوط نظام، پاڻي جي فطري گذرگاهن تان فوري قبضا ختم ڪرڻ، ۽ عوامي آگاهي وسيلي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ شامل آهي ته موسمياتي تبديلي صرف حڪومت جو مسئلو نه آهي پر هر شهري جي ذميواري آهي. زندگي صرف ماحولياتي توازن کي برقرار رکڻ سان ئي بچي سگهي ٿي.