دنيا ۾ ابتدائي ڦڏا فساد دڙين دنگن سير پير ۽ رستا روڪ تان ٿيندا هيا۔ جيڪي اڳتي ھلي قبيلائي ۽ ملڪي فسادن ۾ تبديل ٿي ويا۔ اھڙي طرح مقامي طور پاڙن ذاتين جوامن خطري ۾ پئجي ويندو آھي۔ جنھن کي معتدل ڪرڻ لاءِ جرڳن ۽ فيصلن ذريعي معاملاحل ڪرڻ جاجتن ڪيا ويندا آھن۔ جيتوڻيڪ اسان جي ملڪي قانون ۾ مقامي فيصلن ۽ جرڳن جي گنجائش بلڪل ڪونھي ۔ پر اڪثريتي عوام پنھنجا معاملا فيصلن ۽ جرڳن وسيلي حل ڪرائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آھن۔ ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ عدالتي نظام ذريعي حق وٺڻ ۽ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ پيڙھين تائين انتظار ڪرڻو پوندو آھي۔ سائنس جو اھو اٽل اصول آھي ته ھر عمل جو ھڪ ردعمل ٿئي ٿو۔ جيئن اسان پنھنجي ھڪ پيرسان ڌرتيءَ کي پوئتي ڌڪيندا آھيون ته ردعمل ۾ ڌرتي اسان جي ٻئي پيرکي اڳتي ڌڪي ٿي۔ انھيءَ عمل ۽ ردعمل جي نتيجي ۾ اسان ڌرتيءَ تي فاصلا طئي ڪيون ٿا۔ اھڙي جيڪڏهن اسان ڪنھن جي رستي۾ڪنھن به قسم جي رڪاوٽ رکنداسي ته موٽ۾اڳيون عنصراسان کي شاباش ته ڪونه ڏيندو؟ اول ته پھرئين ردعمل طورتي توھان کي رڪاوٽ ھٽائڻ لاءِ چوندو۔ اوھان جي انڪاريا سستي ڪرڻ جي موٽ۾ھوبه اوھان جي رستي ۾رڪاوٽون بيھاريندو۔ پوءِ اھي کڻي ڪھڙي به قسم جون رنڊڪون ھجن۔ ان ۾ ٻنھي ڌرين جي طاقت ۽ پئسي جو ذيان ٿيندو ۽ اڳتي جي لاءِ دشمنيءَ جو رستو به ھموار ٿيندو۔ جنھن جو نتيجو ھرحال ۾ مثبت بجاءِ منفي نڪرندو۔ ڪنھن زماني ۾ درياه بنا بندن جي قيد کان آزاد وھڪرن ۾ وھندا ھئا۔ انسان پنھنجي دڳ سان ۽ درياه پنھنجن پيچرن سان ھلندا ھئا۔ ٻيلا دريائن جي پيدا وار آھن۔ جن جو ھڪٻئي سان گڏ قدرتي رستو ۽ رشتوآھي۔ ٻئي ھڪٻئي جاڀرجھلا آھن۔ ٻيو ته ٻيلا دريائن سان گڏ زمين جو به سينگار آھن۔ ٻيلا دريائي ٻڏن کي روڪڻ لاءِ ھڪ وڏي ديوار ھوندا آھن۔ ڇاڪاڻ ته ٻيلا پنھنجن پاڙن ذريعي ڌرتيءَ کي پورو ڪري پاڻي جذب ڪرڻ جي وڏي صلاحيت پيدا ڪندا آھن ۔ جيڪو قدرتي ڪيميائي عمل ھوندو آھي۔ انسان ذات ۽ سندس مال ملڪيت کي ٻوڏي خطرا ۽ انھن خطرن کان بچڻ لاءِ رستا ڳوليندي ننڍا ننڍا بند ٻڌي پاڻي ذخيرو ڪيو ۽ انساني آباين کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي۔ پر انساني خيال موجب ٻوڏن جي تندو تيز صورتحال اڳيان اھي انتظام به ناڪافي ھئا۔ وري ٻوڏن جو رخ صحرائي علائقن ڏانھن به موڙي ڏٺو۔ پر دريائن جي موج مستي اتي به ماٺ نه ڪئي۔ وري انساني عقل جوڌيان وڏن بندن جي جوڙجڪ سان درياه جي مستي مارڻ ڏانھن ويو۔ جيڪو تجربو به ناڪافي ۽ ناڪام ٿيندي نظرآيو۔ جديد سائنسي طريقن سيمينٽ ۽ پٿر جا بند ٻڌي ماڻھن ڄڻ پاڻ کي محفوظ ڪرڻ جو نسخو ايجاد ڪري ورتو۔ جيڪو پڻ اڳتي ھلي ناڪام نظر آيو ڇو ته ٻوڏ ھرسال انساني آبادين جي سيرڪرڻ جو ھيراڪ ٿي ويو۔ آخرڪار انساني عقل دريائن جي ٻوڏي صورتحال کي مڪمل طور ختم ڪرڻ يا قبضي ۾آڻڻ لاءِ دريائن ۽ انسانن ۾ زمين جي ورھاست ڪري زمين کي ٻن حصن ڪچي ۽ پڪي ۾ ورھائي ڇڏيو ۔ جنھن تحت ڪچو دريائن جي ملڪيت قرار ڏنو ويو۔ جنھن ۾صرف جانورن ٻيلن پکين ۽ قدرتي جيوڙن جي حصيداري ھئي۔ جڏھن ته پڪو انصاني تصرف ۾ ڏنو ويو۔ جنھن عھد کي پڪي ڪرڻ لاءِ حدبندي ڪندي دريائن جي سڄي ۽ کاٻي ڪپن تي ھزارين ميل ڊگھا بند ٻڌاويا۔ جنھن جودرياه بادشاه کي وڏو ارمان ٿيو۔ ڇو ته سندس محبوب ڌرتيءَ جو گھڻو سينو سندس پھچ کان پري ڪيو ويو۔ ڪڏھن ڪڏھن محبوب ڌرتيءَ جوسڪل سينوڏسي درياه بادشاه جوعشق اڌماڏيئي اٿلي پوندوآھي۔ جنھن جي ڪري سڪن سان گڏ ساوا به سڙي سوڪ ٿيندا آھن۔ پر انساني ڪروڌ ۽ لالچ اتي به دنگ نه ڪيو۔ جنھن پنھنجن ضرورتن خاطر دريائن تي بئراجون ٻڌي ڪئنال ڪڍي درياه جاڀاڱا ڪيا۔ جيڪا ڳالھه درياه بادشاه کي پسند ڪونه آئي۔ پر اڪثر اوقات ٻوڏ جي صورت ۾ سالياني اوڳاڙي ڪندو اچي ٿو پيو ۔ جيئن جيئن انساني طبقن جدت۾به طاقت ورتي ته اڃان پير اڳتي وڌائيندي اول ٻيلن ۾واڍي وجھي ڪاٺ ڪمايو ۽ واندي ٿيندڙ زمينن تي قبضاڪري درياه جي پيٽ ۾ اڏاوتون شروع ڪيون۔ جنھن ۾ زمينداري بند دڙا ٺاھي انھن تي ڳوٺ شھر ھوٽلون ڪارخانا اڏيا ويا۔ جن جي سھوليت لاءِ روڊ رستا ۽ ٻيون سھولتون ڏنيون ويون۔ جڏھن حضرت انسان پنھنجن ذاتي مفادن لاءِ درياه جو پيٽ خواھشن جي ٺڪرن ڀترن سان ڀري ڇڏيوته درياه جي پيٽ ۾به سور جا ساليانا وڪڙ پون ٿا ته ھو به آرس ڀڃي بند ٽوڙي وستيون واھڻ ٻوڙي ٿوڇڏي۔ چترال کان گلگت، ڪالام، مينگوره، بالاڪوٽ، مانسھره، ايبٽ آباد، ھزاره، راولپنڊي، گجرات، گجرانوالا، وزيرآباد، سيالڪوٽ، قصور، پاڪ پتڻ، لوڌران، ملتان، مظفرڳڙه، ڪوٽ مٺڻ، راجن پور، رحيم يارخان، گڊو، گھوٽڪي، پنوعاقل، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، دادو، سيوھڻ، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي تائين درياهه جوپيٽ فصلن زمينداري بندن ڪارخانن ڳوٺن ۽ روڊن رستن سان ڀريو پيو آھي۔ جنھن ڪري دريائن جي موج مستئ ۾رڪاوٽون پون ٿيون۔ حڪومتون ھر ٻوڏ دؤران واعده اقرار ۽ اعلان ڪنديون آھن ته ھاڻي ڪنھن کي به بخش نه ڪبو ۔ دريائي پيٽن مان رڪاوٽون ۽ اڏاوتون ھرحال۾ھٽايون وينديون۔ پر ٻوڏ گذرڻ کان پوءِ سھڙ ساڳيون ڄنگھون ٽي چوٿون پڇ ھوندو آھي۔
دراصل حڪومتي ڌريون جيڪي اھڙا اعلان ڪنديون آھن۔ اھي ئي ڌريون ان قبضي خوري ۽ ڪاٺ چوريءَ ۾ملوث ھونديون آھن۔ اھو اندازوته ھرذي شعورلڳائي سگھي ٿوته ڪچي جي علائقي, ڪيٽيون ۽ زمينداري بند ۽ شڪارگاھون ڪنھن ھاري يا مزدور جون ته ناھن! ان ھن جا مالڪ ڪي ڳئورا ھٿ آھن۔ جن کي في الحال ته ڪو ھٿ لائي نٿو سگھي ۔ اھي ئي قوتون قانون ٺاھن ۽ ڊاھن ٿيون۔ جيسين قانون ٻه اکيون بند ڪري ھڪ اک سان ڏسندو ته عمل ٿيندو۔ ھينئر ڪچي جي زمين ان جي آھي جيڪو ان تي قابض آھي۔ جڏھن ته ڪچي جي زمين جو پڪوکاتو ٿيندو ئي ڪونھي۔ ڪو غريب غربو ته درياه ۽ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي جوتصوربه نٿوڪري سگھي۔
حڪومت 2010، 2014 ۽ 2022 جي ٻوڏن دؤران به وڏي واڪي اعلان ڪيا ھئا ته درياهه اندرجون رڪاوٽون ھرحال م ختم ڪرايون وينديون۔ پر سورنھن سالن کان پوءِ به ٻه قدم پوئتي بيٺا آھيون۔ عوام جون اميدون ۽ اکيون اھڙي حڪومت ڏسڻ چاھين ٿيون جيڪا پنھنجن وعدن ۽ اعلانن تي پختي عزم سان عمل ڪرائي سگھي۔ روز روز جي اعلانن کان عوام بيزار ٿي پيوآھي۔ ان ڪري ھرسال جي نقصان کان بچڻ لاءِ قانون تي عمل درآمد ڪرائڻ جوڪؤڙوڍڪ پيئڻ گھرجي۔ جيئن عوام جو اعتماد بحال ٿئي ۽ سک جو ساهه کڻي۔