چونڊون هارائڻ بعد جپاني وزيراعظم عهدو ڇڏي ڏنو

ٽوڪيو (م ڊ) جاپان جي وزيراعظم شيگيرو اشيبا پارلياماني چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ پنهنجو عهدو ڇڏي ڏنو، جنهن سان دنيا جي چوٿين وڏي معيشت لاءِ پاليسين ۾ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، 68 ورهين جي اشيبا، جنهن تازو ئي آمريڪا سان واپاري معاهدي جا آخري مرحلا مڪمل ڪيا هئا ته جيئن صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان لڳايل سخت ٽيرف واري دٻاءُ کي گهٽائي سگهجي، پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته کيس چونڊن ۾ لڳاتار شڪست جو ذميوار پاڻ کي سمجهڻو پوندو، اشيبا، جنهن هڪ سال کان به گهٽ عرصي ۾ اقتدار سنڀاليو هو، هن حڪومت جي لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي هدايت ڏني آهي ته ايمرجنسي ليڊرشپ چونڊ ڪرائي وڃي ، هن واضح ڪيو ته هو نئين وزيراعظم جي چونڊ تائين پنهنجا فرض نڀائيندو رهندو، هن چيو ته جاپان واپاري معاهدي تائين پهچي ويو آهي ۽ صدر ان تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، اسان هڪ اهم مرحلو مڪمل ڪيو آهي، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ايندڙ نسل کي اها ذميواري ڏجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.