گھوٽڪي(رپورٽ: آزاد مهر)سنڌ جي صوبائي وزير زراعت ۽ فوڪل پرسن ليـفٽ بئنڪ سردار محمد بخش خان مھر اوچتو قادرپور شينڪ بند جو دورو ڪيو، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان گڏ ٻيڙي ذريعي ڪچي جي صورتحال جو جائزو ورتو۔ صوبائي وزير سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي منظور احمد ڪنراني، اسسٽنٽ ڪمشنر نويد احمد، مختيارڪار شاهـد دايو، ڊائريڪٽر سيڊا شبير احمد ڀٽو، ڊي ايم پي پي پي ايڇ آءِ عارف عباسي، پيپلز پارٽي ضلعي گھوٽڪي جو اطلاعات سيڪريٽري حمزه خان سندراني ۽ ٻيا آبپاشي آفيسر پڻ گڏ هئا۔ ان موقعي تي ڊائريڪٽر سيڊا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 9 سيپٽمبر تائين گڊو بئراج تي 5 لکن کان 7 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان آهي، جنهن جي پيش نظر حفاظتي بندن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم تيزي سان جاري آهي۔ ان موقعي تي سردار محمد بخش مھر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت گڊو بئراج تي ساڍا ٽي لک ۽ پنجند تي اڍائي لک ڪيوسڪ پاڻي موجود آهي، صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي پر انتظاميه کي سپر فلڊ جي پيش نظر الرٽ رکيو ويو آهي۔ هن ٻڌايو ته ساڍا پنج لک ڪيوسڪ پاڻي اڳ ئي گذاري چڪا آهيون جڏهن ته قادرپور شينڪ بند، منگلي ۽ قادرپور لوپ بند تي مرمتي ڪم جاري آهي۔ صوبائي وزير زراعت چيو ته شينڪ بند جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ان حوالي سان آبپاشي جي وزير سان ڳالھه ٿي چڪي آهي۔ هن چيو ته ستن کان اَٺ لک ڪيوسڪ پاڻي جي ممڪن ريلن لاءِ مڪمل تياريون ڪري ورتيون ويون آهن۔