ڪراچي (پ ر) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه يومِ فضائيه جي موقعي تي پيغام ۾ چيو آهي ته 1965 جي جنگ ۾ پاڪ فضائيه جيڪا جرات، بهادري ۽ عزم و استقلال جي مثال قائم ڪئي، اها اسان جي قومي تاريخ جو سونهري باب آهي، مادرِ وطن جي دفاع ۾ پاڪ فضائيه نه رڳو دشمن جا عزائم ناڪام بڻايا پر قوم جا حوصلن کي به بلند ڪيو، ايم ايم عالم جهڙا دلير پائلٽ پنهنجي صلاحيت ۽ شجاعت سان دنيا جي عسڪري تاريخ ۾ سونهري نقش ڇڏيا، پاڪ فضائيه جي شاهينن جون قربانيون سڄي قوم لاءِ فخر جو باعث آهن ۽ اسان کي اها ياد ڏيارين ٿيون ته وطن جي حفاظت سڀ کان مقدم آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فضائيه جديد ٽيڪنالاجي، اعليٰ تربيت ۽ پيشه ورانه مهارت جي ذريعي پاڪستان جي دفاعي صلاحيت کي مضبوط بڻائي رهي آهي، سڄي قوم پاڪ فوج سان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيٺل آهي ۽ جيڪي ماڻهو پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسندا، تن کي هميشه ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.