اسلام آباد (بيورو) اين ڊي ايم اي چيو آهي ته ملڪ ۾ جاري چوماسي جي برساتن دوران مختلف حادثن ۾ هن وقت تائين 910 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 1044 زخمي ٿي چڪا آهن، اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران به 3 ماڻهو فوت ٿيا، نجي ٽي وي چينلز جي رپورٽس موجب اين ڊي ايم اي 26 جون کان 7 سيپٽمبر 2025ع تائين برساتن، ٻوڏن ۽ ٻين حادثن سبب فوت ٿيلن ۽ زخمين جي گڏيل رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته 442 ماڻهو درياهي ٻوڏ سبب فوت ٿيا، 252 ماڻهو گهر ڪرڻ سبب حياتي وڃائي ويٺا، 65 ماڻهو ٻڏڻ سبب فوت ٿيا،57 ماڻهو ٻوڏ ۽ 11 ماڻهو تيز برساتن سبب فوت ٿيا، 25 ماڻهو لينڊ سلائيڊنگڍ ۾ مارجي ويا، 23 ماڻهو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا، 26 ماڻهو کنوڻ ڪرڻ سبب جانيون وڃائي ويٺا، اين ڊي ايم اي موجب، ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏن جي تباهي سبب فوتگين جو سلسلو اڃا جاري آهي، جڏهن ته امدادي ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن.