پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته ڪڻڪ جي اگهن ۾ 50 سيڪڙو واڌ عوام لاءِ وڏو مذاق آهي. هن چيو ته 40 ڪلو ڪڻڪ جو اگهه 3 هزار 943 رپيا ٿي ويو آهي، جيڪو 72 هفتن جي بلند ترين سطح آهي. ان واڌ سبب اٽو 70 رپيا في ڪلو بدران 120 رپيا ۾ ملي رهيو آهي. مزمل اسلم موجب حڪومت مهانگائي ختم ٿيڻ جون دعوائون ڪري رهي آهي پر حقيقت ۾ غريب جو جيئڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ گهڻي آهي، پر مافيا کي حڪومتي پاليسين جي سرپرستي حاصل آهي. گندم جي اگهن کي ٻوڏ سان ڳنڍڻ رڳو هڪ بهانو آهي. صلاحڪار وڌيڪ چيو ته کنڊ ۾ به اهڙو ئي اسڪينڊل ٿيو، پهريان کنڊ برآمد ڪئي وئي ۽ هاڻي درآمد ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي پئي وڃي. وفاقي حڪومت ڊيوٽي فري درآمد جو اعلان ڪري رهي آهي، پر ڊيوٽي فري کنڊ جي في ڪلو قيمت به 170 کان 200 رپيا تائين پهچندي.