ميان صاحب (رپورٽ:مظفر ملڪ) ھمايون شريف ڀرسان 10 ورهين جي معصوم نينگري، وحشي بگهڙ هٿان لڄالٽ جو شڪار ٿي وئي. گذريل ڏينهن ميان صاحب لڳ همايون شريف ڀرسان ڳوٺ امير بخش بکراڻي ۾ وحشي جوابدار ضمير پٽ جعفر بکراڻي پاران 10 ورهين جي معصوم نينگري رابعه ڌيءَ محمد طارق بنگلاڻي سان زيادتي ڪئي وئي، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، زيادتي جو شڪار معصوم نينگري علاج لاءِ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽر پاران نينگري سان زيادتي جي تصديق اهڙي واقعي جو ڪيس متاثر نينگري جي ڏاڏيءَ مسمات حنيفان زال محمد امين بنگلاڻي جي فرياد تي همايون شريف ٿاڻي تي جوابدار ضمير پٽ جعفر بکراڻي داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ فريادي مسمات حنيفان بنگلاڻي ڄاڻايو آھي تہ منھنجي پوٽي رابعه گھران شيءَ وٺڻ لاءِ ضمير بکراڻي جي دڪان تي وئي جتي ھن جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو جڏهن ته همايون شريف پوليس هن وقت تائين جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. ٻئي طرف اھي بہ چوٻول آهن تہ پوليس جوابدار ڌر کان ڳرا پئسا ورتا آهن تنھن ڪري ھو جوابدار کي گرفتار نہ پئي ڪري هوڏانهن معصوم نينگري جو علاج سول اسپتال سکر ۾ هلندڙ آھي جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي . متاثر نينگري جي وارثن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو آھي ته وحشي جوابدار کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي .