ڪوئيٽا آپگهاتي حملو:6 پارٽين پاران 8 سيپٽمبر تي هڙتال جو اعلان

ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي جلسي ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي خلاف بلوچستان جي ڇهن سياسي جماعتن اٺ سيپٽمبر تي ڦيٿاروڪ هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي۔پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن جلسي ۾ اسان سڀ موجود هئاسين، جيڪي ٻار هن ڌماڪي ۾ مارجي ويا، انهن جي جاءِ تي اسان سڀ به شهيد ٿي  پئي سگهياسين۔ جيڪڏهن اسان ماري ڇڏيا وڃون ها ته ان مان پاڪستان کي ڪهڙو فائدو ٿئي ها؟هن چيو  ته اسان هن واقعي تي ڪوئيٽا جا سڀ ٿاڻا ساڙي پئي سگهياسين پر اسان صبر جو دامن نه ڇڏيو، ڇو ته اسان جمهوريت ۽ پرامن جدوجهد جا حامي آهيون۔“ هن عوام کان اپيل ڪئي ته 8 سيپٽمبر تي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ۽ اهو ظاهر ڪن ته اهڙا واقعا ڪنهن به طرح قبول ناهن۔ بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو ته جيڪڏهن اهڙا عمل ڪندڙ سمجهن ٿا ته انهن حملا اسان کي پنهنجي سياست ۽ سياسي جدوجهد ڇڏي ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا ته اها انهن جي غلط فهمي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.