حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪوئيٽا ۽ بنون ۾ دھشتگردي واقعن جي مذمت ڪندي شھيدن جيوارثن سان ڏک جو اظھار ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي سردار اختر مينگل کي فون ڪري ڪوئيٽا ۾ مٿس حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ساڻس يڪجھتي جو اظھار ڪندي چيو ته مظلوم طبقن جي حقن لاءِ ڄمي بيٺا رھو. سنڌ ۽ ملڪ جو عوام اوھان سان گڏ آھي اختر مينگل ٿورا مڃيا. اياز لطيف پليجي چيو ته عالمي سامراجي طاقتون ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاھين ٿيون. دھشتگردي جا واقعا ملڪ لاءِ وڏو خطرو آھن. سوال آھي ته اسان جا ادارا دھشتگردن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ ۾ ڇو ناڪام وڃي رھيا آھن. بنون سميت اختر مينگل تي حملي ۾ ملوث دھشتگردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.