حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد جو اجلاس صدر نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت ھيٺ مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ موجوده ٻوڏ واري صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آيل ٻوڏ ۽ برساتن جي تباهڪارين تي افسوس جو اظهار ڪندي متاثرن سان اظھار يڪجهتي ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڻي جي نقصانن کان بچڻ جو پھريون ۽ آخري رستو پاڻي جي قدرتي رستن کي بحال ڪرڻ آھي، ان سان گڏ بئراجن، واھن ۽ شاخن جي صفائي ڪرائي وڃي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران مختلف مختلف بندن کي ڪٽ ھڻڻ وارين خبرن تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته ڪٽ ھڻڻ سان وڏا نقصان ٿي سگھن ٿا، ان ڪري اھڙن قدمن کان پاسو ڪيو وڃي. آبادگارن وڌيڪ چيو ته دريائن، واھن ۽ شاخن جي ڪنارن تي قبضا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ڍنڍون ۽ ڍورا بحال ڪيا وڃن. اجلاس ۾ چيو ويو ته جڏھن به ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيندي آهي ته ھڪ مخصوص ٽولو ڪالاباغ ۽ ٻين ڊيمن جو رينگٽ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، ھاڻي ثابت ٿي ويو آھي ته ڊيم ٻوڏن کي روڪي نٿا سگھن. اھڙن منصوبن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. سنڌ اھڙن منصوبن کي قبول نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪندي. اجلاس ۾ بدين ۾ سنڌ آبادگار تنظيم جي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ته خيرپور گمبوھه سميت سنڌ جي پڇڙين کي پاڻي ڏنو وڃي. آبادگارن چيو ته کنڊ جو اگھه فڪس ٿي چڪو آھي ھاڻي شگر بورڊ جو اجلاس گھرائي ڪمند جو اگھه 600 روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. اجلاس ۾ انوار ڪمبوهه، شريف نظاماڻي، جاويد رياڙ، ميان شاداب، سيف الله گل، مير صوبدار، محب علي مري، عبدالرحيم درس، عبدالرزاق ابڙيجو، خان محمد ڪمبوهه، جھان خان لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.