ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ هڪ اهم ڪانفرنس ۾ ماهرن، وڪيلن، صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي قانوني نظام مان نوآبادي دور جي اثرن کي ختم ڪري، ان کي انساني حقن جي اصولن مطابق جديد بڻايو وڃي. قانونن کي نوآبادي دور جي اثرن کان آزاد ڪرائڻ: انساني حقن ۽ قانوني سڌارن جي عنوان سان منعقد ڪيل ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ايڇ آر سي پي جي چيئرمين اسد بٽ چيو ته عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل قانون سازيءَ ۾ هميشه دير ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته آزادي کي محدود ڪندڙ قانون جلد منظور ڪيا وڃن ٿا. ايڇ آر سي پي جي جنرل سيڪريٽري حارث خليق چيو ته نوآبادي نظام عوام کي "شهري” بدران "محڪوم” بڻائي ڇڏيو هو، ۽ اهو ذهني اثر اڄ به قانوني ڍانچن ۾ موجود آهي. سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس مقبول باقر چيو ته پاڪستان جو عدالتي نظام ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ نه، پر انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو. هن اختلاف راءِ کي ڏوهه قرار ڏيندڙ قانونن جي خاتمي، عدليه جي خودمختياري جي تحفظ، ۽ قانون جي عملداري ۾ انساني همدردي شامل ڪرڻ تي زور ڏنو.وڪيل ساره ملڪاني بغاوت ۽ حراست بابت قانونن کي نوآبادي حڪمتِ عملين جو تسلسل قرار ڏنو، جڏهن ته محقق نازش بروهي چيو ته رياست جو مهذب بڻائڻ وارو مشن به نوآبادي روين جو حصو هو. صحافي اڪبر نوتيزئي چيو ته بلوچستان اڄ به هڪ ڪالوني وانگر ورتو وڃي ٿو، جتي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ جبري گمشدگيون جاري آهن. اظهار جي آزادي بابت سيشن ۾ فريحا عزيز، مومنہ توفيق، سمرا سهيل، سبغت شيخ ۽ اسفند ڪچيله چيو ته پيڪا ۽ بغاوت جا قانون ماڻهن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. سھيل سانگي چيو ته ڊجيٽل سنسرشپ، نوآبادي دور جي اخبارن تي پابندين جي جديد صورت آهي. وڪيل سلمان فاروق ۽ عليزہ مسعود جبري شادي، ۽ عورتن جي مرضيءَ جي انڪار جي حوالي سان قانونن جي نوآبادي ورثي کي اجاگر ڪيو. وڪيل حريم گوڊيل توهينِ مذهب جي قانونن جي تاريخي پس منظر ۽ اڄ جي غلط استعمال تي تفصيل سان روشني وڌي. وڪيل صلاح الدين احمد اقليتن ۽ عورتن خلاف قانونن جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ عدليه جي تربيت ۽ قانوني تحفظات جي اهميت تي زور ڏنو.