واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ٻن سيپٽمبر تي ڪوئيٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي هڪ جلسي تي ٿيل خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا۔پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم "ايڪس” تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته: ”اسين جان وڃائيندڙن ۽ زخمين جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا،بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستاني عوام کي تشدد ۽ خوف کان آزاد زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي۔“آمريڪا واضح ڪيو ته هو دهشتگردي ۽ اهڙن گرفت جوڳن گروهن، جهڙوڪ داعش – ولايت پاڪستان، جنهن هن حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي، جي خلاف ۽ دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملي بيٺو آهي۔