ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا ۾ اڳوڻي سينيٽر ۽ سينيئر سياستدان نوابزادہ لشڪري رئيساڻي سرياب شاهواني اسٽيڊيم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت لاءِ سول اسپتال جي ٽراما سينٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪوئيٽا جي شهرين جي جيڪا يڪجهتي سامهون آئي آهي، اها قابل تحسين آهي. لشڪري رئيساڻي چيو ته صوبي کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سڀني مڪتب فڪر جي ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن بلوچستان ۾ ٿيندڙ واقعن تي رياست جي ڪردار تي سوال اٿاريا ۽ چيو ته شاهواڻي اسٽيڊيم ڌماڪي پٺيان ڪو طاقتور طبقو ملوث آهي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان جي ماڻهن کي گڏجي صوبي کي بحران مان ڪڍڻو پوندو، پر بدقسمتي سان حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو عوام جا نمائندا نه، پر طاقتورن جا نمائندا آهن.