پنجاب ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ننڍي چونڊ ملتوي

اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۾ ضمني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبليءَ جي تڪن اين اي 66 وزيرآباد، اين اي 96 فيصل آباد، اين اي 104 فيصل آباد، اين اي 129 لاهور ۽ اين اي 143 ساهيوال ان سان گڏ صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي پي 73 سرگودها، پي پي 87 ميانوالي، پي پي 98 فيصل آباد ۽ پي پي 203 ساهيوال ۾ به ضمني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن۔اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، سرڪاري ۽ نجي انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان رسيو آهي، جڏهن ته ڪيترائي سرڪاري اسڪول به تباهه ٿي ويا آهن، جيڪي پولنگ اسٽيشن ۽ اليڪشن رڪارڊ رکڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا۔اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب ۾ ضمني چونڊون ملتوي ڪرڻ جا سبب فقط ٻوڏ ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي نه آهن، پر سيڪيورٽي عملي جي فراهمي ۾ کوٽ به هڪ اهم سبب آهي۔اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته آبادي جي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ سبب به ووٽر ٽرن آئوٽ گهٽ رهڻ جو امڪان آهي، جنهن ڪري چونڊون پرامن ۽ منصفاڻي نموني ٿيڻ ممڪن نه هيون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.