اسان جي وصيت آهي ته قاتل آئين کي نه مڃڻ وارا هوندا: اچڪزئي

ڪوئيٽا (م ڊ) محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ سرياب ۾ اسان سڀ مارجي وڃون ها ته ملڪ جي ڪهڙي ڀلائي ٿئي ها؟ جڏهن وڻي اسان کي ماري ڇڏيو، اسان جي پونئرن ۽ ڪارڪنن کي وصيت ۽ نصيحت هوندي ته اسان جا قاتل آئين کي نه مڃڻ وارا هوندا، اسان جو رت ضايع نه ويندو نه ئي ٿيڻ ڏينداسين. ڪوئيٽا ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان ماڻهن جي جذبات سان کيڏڻ چاهيون ته ڪوئيٽا جي سڀني ٿاڻن کي هڪ ڏينهن ۾ ساڙي سگهون ٿا کڻي اهي ڪهڙا به هجن، پر اسان ائين نٿا چاهيون. هن چيو ته پاڪستان کي اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي پر انسانن جي عزت ۽ حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته قرآن پاڪ ۾ واضح آهي ته هڪ بيگناهه انسان جو قتل سڄي انسانيت جي قتل برابر آهي، پر ملڪ ۾ هر روز ظلم ۽ ڏاڍ وڌي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جلسا ڪرڻ ٿا چاهيون، اهو اسان جو بنيادي ۽ انساني حق آهي. جيڪڏهن آئين جو تحفظ ڪرڻ ڏوهه آهي ته پوءِ اسان اهو ڏوهه ڪندا رهنداسين. دهشتگردي جي پاليسي، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ انساني حقن جي لتاڙ هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان ڪنهن جا غلام ناهيون، نه ڪو اسان جو آقا آهي. هر پاڪستاني کي پنهنجي وسيلن تي پهريون حق آهي. اسان کي، واپارين ۽ مزدورن لاءِ آزادي گهرجي. جيڪڏهن اسان کي حق نه مليا ته عالمي عدالت تائين به وينداسين. هن الزام هنيو ته ماضي ۾ دهشتگردي کي سرڪاري سطح تي هٿي ڏني وئي، جنهن جا نتيجا اڄ عوام ڀوڳي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته پارليامينٽ کي بااختيار بڻايو وڃي ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ جدوجهد جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.