اسلام آباد (بيورو) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر 26هين آئيني ترميم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 2 تحت فل ڪورٽ جو قيام قانون مطابق آهي ۽ رجسٽرار يا ٻي ڪا اختيار رکندڙ اٿارٽي ڪميٽي جي فيصلي کي ختم نٿي ڪري سگهي. مصطفيٰ نواز کوکر موقف اختيار ڪيو ته ڪميٽي جي فيصلي تي چيف جسٽس جي وضاحت عمل نه ڪرڻ جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، جڏهن ته نيون ترميمون آئين ۽ قانون سان مطابقت نٿيون رکن. درخواست ۾ 31 آڪٽوبر تي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ ۽ ان بابت ڪيل انتظامي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.