ھالاڻي ( رپورٽ : وقار خاصخيلي ) ھالاڻي ڀرسان بھلاڻي شھر ۾ جميل ملڪ جي گھر ۾ پيل بندوق سان ٻارڙن جي راند ڪندي اتفاقي بندوق ڇٽڻ سبب 4 مھينن جو معصوم فيضان علي فوت ۽ 8 ورھين جي نينگري فاطمه سخت زخمي، فوتي ۽ زخمي کي ھالاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو جنھن ۾ زخمي جي حالت نازڪ هئڻ سبب گمس گمبٽ ريفر ڪيو ويوجيڪا گمبٽ جي گمس ۾ ئي فوت ٿي وئي ،جڏھن ته ٻئي جميل ملڪ جو پٽ ۽ نياڻي ٻڌائي پئي وڃي، فوتي جي پيءُ جميل ملڪ جو چوڻ هو ته مان گھر جي حفاظت لاءِ اوزار رکندو آھيان اڄ مون کان اتفاقي ڪارتوس ڪڍڻ وسري ويا بندوق ٽنگيل ھئي گھر ۾ ٻارڙن لاھي راند ڪندي فائر ٿي ويا جنھن ڪري ھي واقعو پيش آيو آھي