سلطانپور(رپورٽ: قربان علي مهر ) سلطانپور ويجهو ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ رمضان آرائين ۾ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي 40 ورهين جو پورهيت چئن معصوم نياڻين جو پيءُ شهمير آرائين غربت کان تنگ ٿي مبينا طور ڦاهو کاهي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.واقعي جي اطلاع تي ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هن وقت واقعي کي مبينا خودڪشي قرار ڏنو پيو وڃي جڏهن ته تحقيقات کان پوءِ ئي واضع ٿي سگهندو ته واقعو خودڪشي يا قتل آهي.منهنجي مڙس جو ڪجھ عرصي کان دماغي توازن ٺيڪ نه هو جيڪو اڪثر بيمار پڻ رهندو هو اسانجي گهر جا حالات به ٺيڪ نه هئا ۽ منهنجي مڙس مٿان ڏيڍ لک قرضو به هئو جنهن رات دير سان ننڊ مان اٿي گهر اندر ڇپر ۾ ڦاهو کائي ڇڏيو آهي جنهن واقعي جي مونکي صبح سوير سان جاڳ ٿيڻ وقت خبر پئي ته مان دانهون ڪيون.سندس زال مائي رکي ڳوٺاڻن موجب فوت ٿيل پورهيت جو تعلق محنت ڪش گهراڻي سان هو جنهن جي اوچتي موت بعد سڄي ڳوٺ ۾ غم جي لهر ڇانئجي وئي آهي.