ٽنڊو باگو/بدين (دوست محمد چانڊيو/رازق ڏنو کوسو) سمن سرڪار جي زيارت لاءِ ويندڙ پانڌيئڙن سان ڀريل سوزوڪي پڪ اپ پنگريو شگر مل وٽ حادثي جو شڪار ٿي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ 10 ورهين جو ماجد علي، 6 ورهين جي سپنا، 14 ورهين جي شڪريا ۽ 7 ورهين جي شڪرانا شامل آهن. زخمين ۾ ممتاز علي، سفينا، طفيل احمد، واجد، سهيل، محرم، نسيمان، مدثر علي، اقصا، ماجد علي (ننڍو)، عرفانا ۽ ميٺن زال گل حسن شامل آهن. حادثي جا سڀئي متاثر ڳوٺ شير خان رند، تعلقو ٽنڊو غلام حيدر جا ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي درگاهه سمن سرڪار تي زيارت لاءِ وڃي رهيا هئا. حادثو سوزوڪي جي تاءِ راڊ ٽٽڻ ۽ تيز رفتاري سبب پيش آيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي بدين ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته فوتين جي وارثن ۽ زخمين سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي.