سرياب ڌماڪي کي روڪڻ ممڪن نه هو: بلوچستان حڪومت

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري حمزا شفقات چيو آهي ته سرياب وارو واقعو ڪنٽرول کان ٻاهر هو ۽ ان کي روڪڻ ممڪن نه هو، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي کان اڳ انتظاميا کي ٽي ڀيرا جلسو ختم ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو پر ان کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو، ڪوئيٽا ۾ پوليس عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته آپگهاتي بمبار جي عمر 30 سال کان گهٽ هئي، جڏهن حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي،آپگهاتي ڌماڪو جلسي گاهه کان 500 ڪلو ميٽر پري ٿيو، جيڪڏهن واقعو جلسي گاهه اندر ٿئي ها ته نقصان تمام گهڻو ٿئي ها، ڌماڪي جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، هر هر درخواست ڪري رهيا آهيون ته 6 سيپٽمبر تي پنهنجي موومنٽ ڪنٽرول ۾ رکو، هن وڌيڪ چيو ته 12 ربيع الاول جي موقعي تي به سيڪيورٽي ٿريٽ الرٽ آهي، ٻئي پاسي واقعي خلاف بلوچستان ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، جڏهن ته پختونخوا ملي عوامي پارٽي طرفان به ٽي ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، بلوچستان جي صحت واري وزير بخت ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته هڪ وڌيڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 15 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 30 ڄڻا زخمي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.