ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سانملاقات ڪئي جنهن ۾ سيلاب متاثرن لاءِ جاري امدادي سرگرمين ۽ بحالي جي قدمن تي ڳالھ ٻولھ ٿي. بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت سيلاب متاثرن جي مدد ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ۽ رليف سرگرمين ۾ شفافيت ۽ فوري قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. هن زور ڏنو ته متاثر علائقن جي مستقل بحالي لاءِ جامع منصوبا بندي ڪئي وڃي. هن موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه بريفنگ ڏيندي چيو ته سکر، روهڙي سميت مختلف علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن. هن ٻڌايو ته سيلاب متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ٽيمون ۽ رليف ڪيمپون سرگرم آهن ۽ سنڌ حڪومت سڄي مشينري سان عوام جي شانه بشانه بيٺل آهي.