وفاقي سرڪار کي ڪراچي جي منصوبن ۾ دلچسپي ناهي: ميئر ڪراچي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر ۾ روڊن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم پهرين سيپٽمبر کان شروع ڪيو ويو آهي ۽ واعدي موجب ٻه مهينن اندر سڀ روڊ مڪمل ڪيا ويندا، ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ٻڌايو ته ڪم ۾ سستي جو ڪارڻ برساتن جي اڳڪٿي آهي، پر منصوبي تي تيزيءَ سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي، 106 روڊن تي پهريان ليولنگ ۽ پوءِ ڪارپيٽنگ جو ڪم جاري آهي، جيڪو برسات کانپوءِ مڪمل ٿيندو، مرتضيٰ وهاب طنزيه انداز ۾ چيو ته فاروق ستار صلاح مشورا ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو، پر مون کي هُن کان ڪهڙي صلاح وٺڻي آهي، ڇا هو انجنيئر آهي يا وفاقي وزير، هن وفاقي حڪومت تي به تنقيد ڪندي چيو ته وفاق طرفان ڪراچي جي ترقياتي منصوبن ۾ دلچسپي ناهي ڏيکاري وئي، جڏهن ته گورنر جي طرفان 100 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدواڃا تائين پورو نه ٿيو آهي، ريڊ لائين منصوبي بابت ميئر وضاحت ڪئي ته ڪجهه فني مسئلا آهن، تنهن ڪري ممڪن آهي ته منصوبي کي مڪمل ٿيڻ ۾ ٻه سال لڳي سگهن، پر ڪوشش آهي ته جنوري جي آخر تائين روڊن کي ڪليئر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.