ڪراچي (رپورٽر) آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري ڪالا باغ ڊيم بابت ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان کي تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو، هڪ بيان ۾ ڄام خان شورو علي امين گنڊاپور جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم بابت خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي تجويز مناسب نه آهي، هي وقت تڪراري بيانن جو ناهي، سنڌ ۾ ٻوڏ صورتحال بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪچي جي ماڻهن لاءِ رليف ڪئمپون قائم ڪيون آهن، ايندڙ هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪنهن به بند کي گهارو نه هنيو ويندو، صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي گھوٽڪي ۽ اوٻاوڙو جي 16 علائقن مان ماڻهن کي پڪي طرف منتقل ڪيو ويندو، متاثرن لاءِ 5 رليف ڪئمپون ۽ 3 جديد موبائل اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن، ياد رهي ته علي امين گنڊاپور چيو هو ته ڪالا باغ ڊيم مان پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا کي پاڻي ملندو، سنڌ کي ڪالا باغ ڊيم تي مسئلا آهن ته ميز تي ويهي ڳالهه ڪئي وڃي، ڪالا باغ ڊيم ملڪ جي ضرورت آهي.