انڊونيشيا ۾ عورتن جو سرڪار ۽ پوليس زيادتين خلاف ٻهارا کڻي احتجاج

جڪارتا (م ڊ) انڊونيشيا جي راڄڌاني جڪارتا ۽ ٻين اهم شهرن ۾ سوين عورتن گلابي لباس پهري ۽ ٻهارا کڻي پارليامينٽ طرف مارچ ڪيو، مظاهرو ڪندڙ عورتن پوليس جي ناجائز روين ۽ غيرضروري سرڪاري خرچن خلاف آواز اٿاريو، مظاهرن جو سلسلو ٻئي هفتي ۾ داخل ٿي ويو، جن جي شروعات مهانگائي ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي ڏني ويندڙ مهانگين مراعتن تي عوامي ڪاوڙ سبب ٿي. صورتحال ان وقت وڌيڪ ڇڪتاڻ واري ٿي وئي، جڏهن هڪ موٽر سائيڪل ٽيڪسي ڊرائيور پوليس جي گاڏي هيٺ اچي فوت ٿي ويو، صدر پرابووا شروعات ۾ بيجنگ جي فوجي پريڊ ۾ شرڪت ملتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر پوءِ به چين جي صدر شي جن پنگ ۽ روسي صدر ولادي ميئر پوٽن سان گڏ گروپ فوٽو ۾ نظر آيو.انڊونيشيا وومينز الائنس (IWBA) جي عورتن چيو ته ٻهارو خواهش جي علامت آهي ته رياست جي گندگي، عسڪريت پسندي ۽ پوليس جي ظلم کي صاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.