ڪابل(م ڊ) افغانستان جي پرڏيهي وزير ملا يعقوب چيو آهي ته پاڪستان جا سيڪيورٽي ادارا پنهنجي ڪمزوري لڪائڻ لاءِ افغانستان تي الزام لڳائين ٿا. ملا يعقوب طالبان جي باني ملا عمر جو وڏو پٽ آهي. بي بي سان ڳالهائيندي ملا يعقوب چيو ته جيڪڏهن ٽي ٽي پي يا بلوچ ويڙهاڪ افغانستان مان داخل ٿين ٿا ۽ سوين ڪلوميٽر سفر ڪري پاڪستان جي وڏن شهرن تائين پهچن ٿا، ته پوءِ انهن کي رستي ۾ ڇو نه روڪيو وڃي ٿو؟” هن چيو ته چاهي اها ڪار بم هجي، ٽارگيٽ ڪلنگ هجي يا ٻيو ڪو ڌماڪو، ان کي اتي ئي روڪڻ گهرجي. هيءُ سڀ ڪجهه پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن جي ڪمزوري ڏيکاري ٿو، ۽ انهيءَ ڪمزوريءَ کي لڪائڻ لاءِ افغانستان تي الزام لڳائجن ٿا. ملا يعقوب چيو ته الزام تراشيءَ ۽ پروپيگنڊا ڪرڻ بدران بهتر آهي ته حقيقت کي مڃي، تعاون وڌائجي ۽ مسئلن جو حل ڳولڻ لاءِ مناسب منصوبو تيار ڪجي. هو چاهي ٿو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا خراب نه ٿين، ڇاڪاڻ تہ ان سان ٻنهي ملڪن کي ڪو به فائدو نه ٿيندو.
-
ملير جي عدالت ۾ ڌاڙي ڪيس ۾ فريادي طرفان جوابدار جي سڃاڻپ
ڪراچي (رپورٽر) ملير عدالت ۾ ڌاڙي ڪيس ۾ پوليس پاران اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس چيو ته ٻه جوابدار جيل ۾ آهن جڏهن هڪ جوابدار نويد ڊارکي سڃاڻپ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ڪيس جي فريادي جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي، ان موقعي تي جاچ آفيسر چيو ته جوابدار جيل ۾ آهي ڪيس جي جاچ جاري آهي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي.
-
زال کي قتل ڪندڙ جوابدار جي رمانڊ 7 ڏينهن جي واڌ
ڪراچي(رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ زال جو ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار قمر عابدي کي پوليس رمانڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر طرفان وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست تي عدالت جوابدار جي رمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي، جاچ آفيسر موجب جوابدار پنهنجو ڏوهه قبول ڪري چڪو آهي ۽ هاڻ 164 جو بيان قلمبند ڪرائڻو آهي، جوابدار خلاف سولجر بازار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.