موسمياتي تبديلين سبب قراقرم جو سڀ کان وڏو گليشيئر بالتورو پگھرجڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب اتي 25 کان 30 ننڍيون ڍنڍون ٺهي ويون آهن. هيل تائين پاڪستان دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي ملڪ موسمياتي تبديلين کان بُري طرح متاثر ٿي رهيا آهن. ان ڪري موسمن جي شدت ۽ گرمي سردي جي پد ۾ واڌ سبب پاڪستان ۾ گليشيئرز جي پگھرجڻ جو عمل تيز ٿي ويو آهي. هن سال به پاڪستان جي اترين علائقن ۾ معمولي برفباري به ٽي مهينا دير سان شروع ٿي، پر گرميءَ جي لهر قراقرم جي علائقي ۾ وڏن گليشيئرز کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. دنيا جي اتر ۽ ڏکڻ قطب کانپوءِ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ وڏا گليشيئر آهن، جن ۾ قراقرم علائقي جو ٻيو نمبر وڏو گليشيئر بالتورو آهي، جنهن جي ڊيگهھ 63 ڪلوميٽر آهي. ڪجهھ اکين ڏٺن شاهدن بالتورو گليشيئر تي 12 ڏينهن تائين گھمي گليشيئر جي پگھرجڻ واري صورتحال کي پاڻ ڏٺو ۽ تصويرون ڪڍيون ۽ وڊيا ٺاهيا. ان کانسواءِ اتي برف جو وڏي ٽڪري جي پگھرجڻ سبب اهو حصو غارن ۾ تبديل ٿي رهيو هيو. بالتورو گليشيئر هڪ سخت پٿر وانگر هيو، جنهن جي مٿاڇري تي اڄ تائين ڪير ناهي پهتو، پر اهو هاڻي ختم ٿي رهيو آهي. اها صورتحال ايندڙ ڏهن سالن ۾ وڌيڪ پريشان ڪندڙ ٿي سگهي ٿي، جنهن کي منهن ڏيڻ تمام ضروري آهي، پر هتي سوال اهو آهي ته آخر ڇا ڪجي جو گليشيئر نه پگهرجن؟ يا اسان ڇا ڪري سگهون ٿا؟
گذريل ٽن سالن کان گليشيئر پگھرجڻ سبب جابلو علائقن ۾ ٻوڏون پڻ معمول بڻجي ويون آهن. 2022 جي ٻوڏ اترين علائقن کان شروع ٿي ۽ سڄي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ڪيو. گلگت ۽ هنزا جا گليشيئر به گهٽ اونچائي جي ڪري پگھرجي رهيا آهن، جيڪي خطرناڪ آهن. جڏهن ته بالتورو گليشيئر جي ڀرسان پيجو ڪيمپ سائٽ جي سامهون پيج هڪ جبل آهي، جنهن جون چوٽيون سڄو سال برف سان ڍڪيل رهنديون آهن، پر هاڻي مقامي ماڻهن موجب انهن چوٽين جي برف به گذريل ٻن ٽن سالن کان اونهاري جي مهينن ۾ ڳري رهي آهي. موسمياتي تبديلي جي ماهرن چيو آهي ته عالمي سطح تي سراسري گرمي پد 1.5 کان وڌي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اهو سراسري ٻه درجو ٿي ويو ته تمام گهڻي تباهي ٿيندي، گليشيئر پگهربا، ٻوڏون اينديون، بارشن جي گھڻائي ٿيندي، موٽ ۾ سمنڊ ڀرجي ويندا (پر شرط آ ته اسان واري سمنڊ تائين پاڻي پڄي) جنهن جي ڪري ساحلي علائقن جو نقصان سامونڊي طوفانن جي سبب ٿي سگهي ٿو ۽ نتيجي ۾ خوراڪ جي کوٽ ٿي سگهي ٿي. ان جو لاءِ حل اهو آهي ته ترقي يافتا ملڪ رضاڪارانا طور تي عالمي گرميءَ پَدَ کي ڪنٽرول ڪن.
آبهوا جي سائنسدانن جي تحقيقي ڳالھين تي ڪنهن به اختلاف ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته گلوبل وارمنگ جي حد رڳو سيارو آهي، جنهن جي واپسي جا نتيجا وري گرميون آهن. هڪ تحقيقي مطالعي ۾ چيو ويو آهي ته عارضي طور تي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ گرمي پد اچڻ کان اڳ هڪ خوفناڪ منظر سامهون ايندو، جنهن کي ”اوور شوٽ“ چيو وڃي ٿو، جنهن سبب سمنڊ جي سطح ۾ اضافو ۽ ٻيا تباهي وارا عنصر ٿي سگهن ٿا. ”ڪارل فريڊريچ شليسنر“ مطابق ته ”اوور شوٽ“ آبهوا جو اهڙو نتيجو آهي، جيڪو مستقبل ۾ خوفناڪ ٿي سگهي ٿو. جتي گلوبل وارمنگ کي روڪڻ لاءِ اڳ ۾ گهڻو ڪجھ ڪرڻو پوندو، جتي اپاءَ وٺڻ ۾ به تقريبن ٽي سال لڳي ويندا. پر عالمي گرميءَ جو پدُ بجاءِ گهٽجڻ جي 0.5 وڌي رهيو آهي، جيڪو سمجھ کان مٿي آهي. جيڪڏهن دنيا کي 1.5 سينٽي گريڊ جي گھٽتائي تائين پهچڻو آهي ته 2030 تائين گرميءَ کي وڌائڻ وارين گرين هائوس گيسن جو اخراج لڳ ڀڳ اڌ ڪرڻو پوندو نه ته ٻي صورت ۾ اهو گرمي پدُ وڌي ويندو.
2015 جي پيرس موسمياتي معاهدي ۾ طئي ٿيل امڪاني هدف پورو ناهي ٿيو. جڏهن ته اهو تاحال اڃان به وڌي رهيو آهي. 0.5 جي گرمي پد جي واڌ جي ”اوورشوٽ“ کي ڪجھ سائنسدانن ۽ پاليسي سازن ناگزير سمجهن ٿا، ان ڪري ته ان ۾ ڪا به گھٽتائي نه ٿي اچي سگهي. اهڙي صورتحال ۾ ”اوور شوٽ“ جي لاءِ احتياط ڪري سگهجي ٿو، باقي ٻيو ڪجھ به نه، ڇو ته خطرن کي مڪمل طور تي ڪو به ملڪ گهٽائي ناهي سگهيو. پر سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته هڪ ”اوورشوٽ“ انهن اثرن کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿو، ان ڪري انهن سائنسدان خبردار ڪيو آهي، اهي خطرا زمين جي موسمياتي نظام ۾ وڏي پيماني تي تبديلين کي وڌائين ٿا. ان جو مطلب ٿي سگھي ٿو ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سان مالا مال ماحول زمينن جي ٻين گيسن سان گڏجي وڏي پيماني تي تباهي آڻي سگهن ٿيون. مثال جيڪڏهن گرمي پدُ 1.5 سينٽي گريڊ کان به وڌي ويندو ته سمنڊ جي سطح 40 سينٽي ميٽر تائين وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. محققن جو اهو به چوڻ آهي ته هيٺين سطح وارن ٻيٽن ۽ ملڪن کي هڪ وجودي خطرو پڻ آهي، جيڪي سمنڊ جي پاڻيءَ جي واڌ سبب ٻُڏي سگهن ٿا، جنهن جي لاءِ اٽلي جي شهر وينس کي وڏو خطرو آهي ۽ اهي شهر جيڪي سمنڊ جي ٻيٽن تي آباد آهن، ۽ جيڪي شهر هيٺاهينءَ وارا آهن انهن وڏو خطرو آهي. آسٽريا ۾ جڙيل انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سسٽمز اينالائسز جي هڪ محقق ”ڪارل فريڊريچ شليسنر“ چيو آهي ته اڪثر موسمي اثر معمولي ۽ عارضي حد کان به وڌيڪ ٿي سگهن ٿا، ۽ 1.5 گرمي پد جي حد جي ڪري ناقابل برداشت نتيجا ٿي سگهن ٿا، پر حيرت آهي ته دنيا ٻيهر گرمي پد کي وڌائي ڇڏيو آهي.
گليشيئر جو پگھرجڻ، برسات ۽ درياھ جي وهڪري کي مناسب رکڻ جي ماپ جون سهولتون سنڌوءَ جي ڪناري تي قائم ڪيون ويون آهن ۽ اهڙيءَ ريت انهن کي ”ريم اسٽيشن انفلوز“ چيو وڃي ٿو. اولهندي پاسي ”ريم اسٽيشنون“ تربيلا، اٽڪ، منگلا ۽ مرالا ۾ آهن، جن ۾ سنڌو، ڪابل، جهلم ۽ چناب درياءَ آهن. اڀرندي دريائن لاءِ ”ريم اسٽيشنون“ بلوڪي ۽ سليمانڪي وٽ راوي ۽ ستلج ندين لاءِ آهن. ربيع (سياري) جي موسم ۾ برف پگھرجڻ ۽ گهٽ برساتن سبب درياھ جو وهڪرو محدود هوندو آهي. 1937 کان 1967 واري عرصي ۾ مغربي درياهن مان هڪ سراسري سال ۾ 173 بلين ڪيوبڪ ميٽرڪ سطحي پاڻي فراهم ڪيو ويندو هيو. عام طور تي درياھ جي وهڪري جو وڏو حصو خريف جي موسم ۾ هوندو آهي، جيڪو ربيع جي موسم جي وهڪري کان پنج ڀيرا وڌيڪ وهندو آهي. پر ماضيءَ ۾ اڀرندي درياهن جي وهڪري ۾ ڦيرڦار اولهندي درياهن کان به وڌيڪ هوندي هئي، پر منگلا ۽ تربيلا اسٽوريج ڊيم ٺهڻ کان اڳ، اڀرندي درياهن معني سنڌو درياءَ جي نظام ۾ سراسري سال ۾ 26 بلين ڪيوبڪ ميٽرڪ پاڻي هوندو هيو، جنهن مان 84 سيڪڙو خريف جي موسم ۾ ورهايو ويندو هيو. اڀرندي دريائن جو حصو سنڌو درياھ جي سالياني مجموعي آمد ۾ 13 سيڪڙو ۽ ربيع جي موسم ۾ 11 سيڪڙو ڏنو ويندو هيو، پا هاڻي ائين ناهي.
2030 تائين هلندڙ خوراڪ جي واڌ کوٽ جنهن جي هڪ حد مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪو منظرنامو ۽ تخمينو نيچر ڪلائيميٽ چينج ۾ شايع ٿيل آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب اهو تخمينو تقريبن 2.2 کان 2.9 تائين آهي، پيرس معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته اها واڌ کوٽ 3.2 جي ڀرسان هجي ته به ملڪن کي خوراڪ جي کوٽ نه ٿي ٿي سگهي، ان ڪري اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ مضبوط پاليسين جي ضرورت پوندي. ”پيٽرس“ جو نئون مطالعو جنهن کي ڪووڊ دوران وبا جي اثرن کي ماپڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو هيو، جهڙوڪ: ماسڪ پائڻ، سماجي فاصلو رکڻ يا ويڪسينيشن ڪرائڻ وغيره وغيره. 2020 جي شروعات ۾ وبائي مرض جي شروعات کان وٺي، ڪووڊ ماڊلنگ چند مهينن جي بنياد تي اپڊيٽ ڪئي وئي هئي ته پاليسي وائرس جي پکيڙ کي ڪيئن متاثر ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. نئين پاليسي تي ٻڌل اهي سڀ شيون ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اسان اصل ۾ ڪاڏي وڃي رهيا آهيون، يا اسان ڪٿي بيٺل هئاسين، يا جيڪڏهن ڪو قدم نه کنيو ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ گلوبل وارمنگ جي اثرن بابت اڪثر اڀياس به هڪ طرف بي ترتيب ڪاربن جي نيڪال جي ڪري بهترين صورتحال جي ابتڙ آهن، ته ٻئي طرف دنيا جي ڀلائي ۽ اميد جا رستا به آهن. حقيقت اها موسمياتي انتهاپسندي آهي ۽ ممڪن آهي ته ڏهاڪن تائين ائين ئي رهي.
گڏيل قومن جي تحقيق مطابق موجوده گرمي پد ۾ تقريبا 3 سينٽي گريڊ تائين واڌ ٿيندي ۽ 1.5 سينٽي گريڊجي گهٽتائي جي لاءِ 2050 تائين دونيهن جو اخراج ٻڙيءَ تي هجڻ ضروري آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقدار کي متوازن ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو انساني ٽيڪنالاجي ذريعي فضا مان ڪڍي سگهي ٿي. اهو عمل ”ڊي ڪاربانائيزيشن“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر ساڳي جاءِ تي ”اوورشوٽ“ جي صورت ۾ عالمي گرمي پد کي پوئتي هٽائڻ لاءِ وڏي پيماني تي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو عام ملڪن جي طاقت کان پري آهي. اسان يقين نه ٿا ڪري سگھون ته ”اوورشوٽ“ کانپوءِ گرمي پد ۾ گهٽتائي طئي ڪيل مدي جي اندر حاصل ڪري سگهجي ٿي، ”ڪارل فريڊريچ شليسنر“ چيو آهي ته انهن حاصل ڪيل نتيجن جي ذريعي حڪومتي تڪميلن ۽ تعميلن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن اهي نيڪل کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪن نه ته لاپرواهي جي صورت ۾ چوٽي جي گرمي ٿي سگهي ٿي.