سال 2025 ايئن کڻي چئجي ٿو ته هي سال دريائي ٻوڏن جو ٿي گذريو آھي هن سال پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبي ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ دريائن ۾ ايندڙ پاڻي ٻنهي صوبن کي تمام بري طرح متاثر ڪيو آھي هن سال مونسون برساتن جو سڀ کان وڌيڪ اثر انهن ٻنهي صوبن ۾ رهيو جون کان ويندي آگسٽ جي خاتمي تائين اڃا به برساتون پنهنجا جلوه ڏيکاري رهيون آھن ٻنهي صوبن جو انفراسٽرڪچر ئي تباه ٿي ويو گذريل مهيني ڪي پي ڪي صوبي جي سوات ڊويزن ۽ ڪجھه شھرن سوات منگوره مانسره ۾ طوفاني برساتن يعني موسمياتي ماهرن جي بقول برساتي ڪڪرن جي ڦاٽڻ سبب دريائي وهڪرن ۾ جيڪا قدرتي آفت برپا ٿي جنت مثل علائقن جي خوبصورت شهرن ۽ وادين کي اک ڇنڀ ۾ انساني قبرستانن ۽ مٽي جي ڍيرن ۾ ڪيئن تبديل ڪيو دنيا اکين سان ڏٺو ان ٿيل هولناڪ تباهي کان پوءِ عالمي توڙي ملڪي سطح تائين ميڊيا زميني حقيقتن جو جائزو ورتو ۽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته قدرتي وهڪرن سان ٿيل هٿ چراند سوات ڊويزن جي علائقن ۾ آيل تباهي جو سبب بڻي پر انهن علائقن ۾ حڪومت توڙي قبضا مافيا گروپن دريائن جي قدرتي وهڪرن تي قبضا ڪري دريائن جي صفائي رکڻ وهڪرن کي آزاد رکڻ بجاء قبضا ڪري لگزري اپارٽمينٽ بنگلا رهائشون جايون تعمير ڪرائي بيروني توڙي ملڪي سطح کان ايندڙ سياحن کي الاٽ ڪيون قدرتي وهڪرن کي سوڙھو ڪري ملڪيتون ٺاهيون جنهن کي قادر پنهنجي قدرت سان ساڳي مٽي جو ڍير ڪيو قدرتي وهڪرن سان هٿ چراند پوري علائقي جي بربادي جو سبب بڻيو
ڪي پي ڪي کانپوءِ پنجاب ۾ وسيل طوفاني برساتن جو پاڻي ڀارتي حڪومت پاران آبي دشمني ڪندي جيڪو پاڻي ڇڏيو آهي ان پنجاب صوبي جي تاريخي شهرن ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آھي ۽ پنجاب ۾ دريائي وهڪرن ۾ چاڙھ ٻوڏ جو سبب ٻڌايو پيو وڃي مطلب ته ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ آيل ٻوڏ به دريائن ۾ چاڙھ سبب برپا ٿي آھي پنجاب حڪومت طرفان 15 لک جي لڳ ڀڳ انساني زندگيون متاثر ٿيڻ 1000 جي لڳ ڀڳ ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا ۽ سوين ننڍن ڳوٺن ۾ پوکيل فصل پڻ تباه ٿي چڪا آھن ٻڌايو پيو وڃي ته پنجاب حڪومت ڪي پي ڪي ۽ سنڌ صوبي کان هٽي ڪري دريائي وهڪرن ۽ بندن جي مالڪي ۽ نگراني انتهائي بهتر نموني ڪري رکي آھي پر حد کان وڌيڪ دريائي وهڪرن ۾ چاڙھ سبب حڪومت کين پنجاب حڪومت نگراني رکڻ ۾ ناڪام ٿي وئي لاهور قصور سيالڪوٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ ٻوڏ جي پاڻي داخل ٿيڻ ۽ روڪڻ ۾ ناڪام رهي
پنجاب صوبي ۾ ٻوڏ کانپوءِ اهو سمورو پاڻي سنڌو درياهه ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي 18 ضلعن لاءِ سپر فلڊ يعني مها ٻوڏ جوالرٽ جاري ڪيو ويو آھي جنهن ۾ ساڍا سورنهن لک ماڻھون 1651ننڍا وڏا ڳوٺ متاثر ٿيندا ۽ 167 يوسيز پاڻي جي لپيٽ ۾ اينديون اهڙي رپورٽ صرف سرڪار پاران جاري ٿي آھي پر مجموعي طور انگ ۽ نقصان جو ڪاٿو تمام گهڻو ٿي سگهي ٿو سکر گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ڪچي کان ڪارونجهر ۽ ٺٽي تائين دريائي حدن تي ٻڌل سنڌ جي18 ضلعن جا ماڻهون انتهائي خوف جي عالم ۾ مبتلا ٿي ويا آھن کين خبر ئي نه ٿي پوي ته حڪومت عوام لاءِ ڇا ڪرڻ پئي چاهي يا کين هر سال ٻوڏن کي سنڌ جي عوام جي تقدير ۾ لکيو ويو آھي پر ڏسجي ته ڪجھه قدرتي آفتون الله جي طرف کان اچن ٿيون ته ڪجھه اسانجا واڳ ڌڻي وجھ وٺي ماڻھن کي انهن مصيبتن ۾ ڦاسائن ٿا بحرحال جيڪو ڪجھه ٿيڻو آھي اهو ٽرڻو ناهي جيئن رب چاهيندو ايئن ئي ٿيندو
پر 2010ع ۾ ٽوڙي بند ٽٽڻ کانپوءِ سموري سنڌ ٻوڏ جي گهيري ۾ اچي وئي هئي ۽ وري هن ڀيري به ڪجھه اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ڪيو پيو وڃي ڇو ته 2010 کان وٺي سنڌو درياهه جي ڪمزور بندن جي مرمت ۽ درياهه جي پيٽ اندر قدرتي وهڪرن تي قبضا مافيا جهڙي طريقي سان قبضو ڪري پنهنجا بند ٻڌي دريائي وهڪرن جو رخ تبديل ڪيو انهن خلاف آبپاشي کاتي پاران هن وقت تائين ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪئي وئي سنڌو درياهه جي پيٽ کي ايترو ته سوڙھو ڪيو ويو آھي جو پاڻي درياههجي پيٽ۾ وڃڻ بجاء بندن تي زور رکي ڇڏيو آھي جنهن ڪري هن وقت صورتحال صرف سنڌ جي 15 ضلعن لاءِ نه پر ايئن کڻي سمجهجي ته پوري سنڌ جي لاءِ سنگين صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي شڪر آھي جو اهي درياهه جون پلون ۽ اهي بئراج ۽ قدرتي وهڪرن جا نقشا انگريز سرڪار اسانجي حڪمرانن کي ٺاهي ٺيڪ ڪري ڏئي وئي باقي اسانجي حڪمرانن کان ته گڊو بئراج جا در به صحيح طريقي سان نه ٿا لڳي سگهن
بحرحال حڪومت سنڌ هن وقت پوري طرح ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آھي ٻڌايو پيو وڃي ته درياهه جي پيٽ مان محفوظ هنڌن تي پهچايل متاثرن لاءِ 200 جي لڳ ڀڳ رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آھن فوج سميت سمورن ادارن کي بلڪل تيار رکيو ويو آھي ۽ اين ڊي ايم اي پاران به سخت وارننگ ڏني وئي آهي ته 4کان 6 سيپٽمبر سنڌو درياهه لاءِ اهم ڏينهن آھن انهن ڏينهن ۾ گڊو بئراج وٽ 13 لک ڪيوسڪ جا وهڪرا موجود هوندا جيڪي ستر سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ وهڪرا ريڪارڊ ڪيا ويندا هيڏي وڏي ٻوڏ کانپوءِ ڪجھه به ٿي سگهي ٿو ان لاءِ سنڌ سرڪار پنهنجون تياريون مڪمل رکي
هن وقت پهرين مرحلي ۾ سنڌو درياهه مان ريسڪيو ڪيل ماڻھن لاءِ سمورين سهولتن جي ضرورت آھي جنهن ۾ کاڌ خوراڪ رهائش۽ ميڊيڪل ڪئمپون ريسڪيو کان علاوه پاڻمرادو رهائش اختيار ڪندڙ ماڻھون به مدد جا منتظر آھن سرڪاري رپورٽ مطابق 16 ضلعن مان دريائي ڪچي ۽ هيٺانهين مان صرف ماڻھون نڪتا آھن باقي جنهن علائقن کي خدانخواسته درياهه جا بند ٽٽڻ سبب صورتحال خراب ٿي ته حڪومت لاءِ پريشانيون وڌي سگهن ٿيون الله ڪري ايئن نه ٿئي ته بهتر رهندو ۽ 2010 جي گذريل وهڪرن ۽ موجوده وهڪرن جي زور ۽ ليول ڪجھه حد تائين گهٽتائي ٻڌائي پئي وڃي
بحرحال ٿوري نظر قدرتي وهڪرن تي قبضن تي ڦيرائجي ٿي ته اسانجي ملڪ ۾ ھن وقت شهرن ۾ انساني آبادي حد کان وڌيڪ وڌي وڃڻ سبب عوام توڙي سرڪاري ڪامورن جو رخ درياهه جي ٻيٽن ۽ خالي پيل سرڪاري ملڪيتن تي ٿي ويو آھي ڪشمور جي ڪچي کان ٺٽي تائين درياهه جا سمورا لنگھ قبضن ۾ اچي ويا آھن جتي آبپاشي کاتي سنڌ جي ڪامورن جي ملي ڀڳت سان بااثر ڏوهارين سردارن ۽ ڀوٿارن جا بنگلا ملڪيتون ۽ ٽيوب ويل لڳرائي درياهه جي پيٽ اندر زمينون آباد ڪيو پيون وڃن قدرتي لنگهن تي وڏا دڪا ۽ ٻيٽ هڻائي هتان جي ماڻھن مستقل طور رهائشون ڪري ورتيون آھن ۽ جڏهن ته حڪومت جي لاپرواهي سبب بندن جي به ڪا مالڪي نه پئي ڪئي وڃي قدرتي ٻوڏن کي هٿرادو ٻوڏن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ سڀني جو هٿ آھي ڪي پي ڪي پنجاب کان پوءِ سنڌ مٿان مها ٻوڏ جا لامارا ان ڳالھه جي ثابتي ٿي رهي آھي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جو وڏو هٿ آھي جيڪي هڪ ته دريائي وهڪرن تي قبضن خلاف ڪو ائڪشن نٿا کڻن ۽ نه وري ڪمزور بندن جي ڪا نگراني يا مرمت ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري هرسال لکين ماڻھن جون زندگيون مفلوج ٿيڻ سان گڏوگڏ وڏين تباهين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته دريائي بندن جي مالڪي سان گڏ قدرتي وهڪرن تان قبضا فوري طور تي هٽرايا وڃن جيئن پاڻي وهڪرن کي رنڊ روڪ کان بچائي سگهجي.