اسان جا ٻار اسان جي سڀاڻي جا سهارا

تحرير: سيد فرحان شاهه بخاري

اسان جا ٻار رڳو اڄ جي خوشي نه پر سڀاڻي جي اميد ۽ طاقت آهن۔ انهن جو مستقبل ان سنڀال ۽ حفاظت تي دارومدار رکي ٿو، جيڪو اسين انهن جي ابتدائي سالن ۾ مُهيا ڪريون ٿا۔ اهڙي ملڪ ۾، جتي صحت جا مسئلا اڳ ئي خاندانن لاءِ ٻوجهه بڻيل آهن، معمولي غفلت به ڪنهن ٻار جي زندگي ۽ خوابن کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي۔ والدين ۽ سرپرستن طور، اسان جي پهرئين ذميواري آهي ته شروعات کان ئي انهن جي صحت جو مڪمل خيال رکون، ڇو ته هر ٻار کي اهو حق حاصل آهي ته هو صحتمند، مضبوط ۽ روشن مستقبل لاءِ تيار ٿئي، ساڳيو مستقبل، جنهن جو خواب اسين هن لاءِ ڏٺو آهي۔ اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اسين انهن کي پوليو سميت ٻين 12 موذي بيمارين کان بچايون ۽ انهيءَ مقصد لاءِ حڪومت پاڪستان مفت ويڪسين مهيا ڪري ٿي۔

پاڪستان ۾ پوليو خلاف مهم لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا اڳ 1994ع ۾ شروع ٿي، جڏهن تڏهن جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ سان هن موذي مرض جي خاتمي لاءِ ملڪ گير جدوجهد جو باقاعده آغاز ڪيو۔ ان کان اڳ هر سال لڳ ڀڳ ويهه هزار ٻار هن موتمار بيماري ۾ مبتلا ٿي سڄي عمر لاءِ معذور ٿي ويندا هئا۔

پوليو هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جيڪا ڪمزور مدافعت واري نظام ۽ گهڻو ڪري غذائي کوٽ سبب پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن تي حملو ڪندي آهي۔ اها بيماري ٻارن کي سڄي عمر لاءِ معذور بڻائي ڇڏيندي آهي، انهن جا خواب ڀڃي ڇڏيندي آهي ۽ کين عملي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا کانئس کسي ڇڏيندي آهي۔ هن بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ ملڪ ڀر ۾ وڏي ۽ ننڍي پيماني تي اعليٰ معيار واريون مهمون هلائجن ٿيون، جيئن هر گهر جي هر ٻار کي پوليو جا قطرا پيا وڃن ۽ انهن ۾ وائرس خلاف مدافعت قائم رهي۔

پوليو ويڪسين مڪمل طور محفوظ ۽ اثرائتي آهي ۽ عالمي معيار جي سڀني حفاظتي گهرجن تي پوري لهندي آهي۔ دنيا جا گهڻا ملڪ، جن ۾ مسلمان ملڪ به شامل آهن، ساڳئي ويڪسين ذريعي پوليو کي ڪاميابي سان ختم ڪري چڪا آهن۔ اها ساڳي ويڪسين هن وقت افغانستان ۽ پاڪستان ۾ استعمال ٿي رهي آهي ۽ سعودي عرب به عمره يا حج لاءِ ويندڙ لکين پاڪستانين کي سندن حفاظت ۽ بيماري جي پکڙجڻ کان بچاءُ لاءِ اها ويڪسين ڏئي ٿو۔

وقت سان گڏوگڏ، اسين پوليو جي خاتمي جي هن جدوجهد ۾ ڪيترائي ڪامياب قدم کنيا آهن۔ حڪومت پاڪستان جي لڳاتار ڪوششن، بين الاقوامي ڀائيوارن جي سهڪار ۽ لکين بهادر پوليو ورڪرن جي انتھڪ محنت جي نتيجي ۾ هن بيماري تي ضابطو آڻڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي۔ سال 2025ع ۾ هن وقت تائين رڳو 23 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جيڪي هن ڳالهه جو پڪو ثبوت آهن ته ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ لڳ ڀڳ 99 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي۔ پر، پوليو جي مڪمل خاتمي جو سفر اڃا جاري آهي ۽ جيستائين ملڪ ۾ هڪ به ڪيس باقي آهي، قوم طور اسان جو عزم ۽ ڪوشش ساڳئي جذبي سان جاري رهڻ گهرجي۔

پهرين سيپٽمبر کان ملڪ جي 99 مخصوص ضلعن ۾ پوليو مهم شروع ٿي چڪي آهي، جڏهن ته 15 سيپٽمبر کان ڏکڻ خيبرپختونخوا ۾ هي مهم هلندي۔ ان مهم دوران ٻن ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پيا ويندا۔ بانهن مهمن جي ڪاميابي ۽ هر گهر تائين پوليو ويڪسين جي وقت سر فراهمي جي بنيادي ذميواري اسان جي بهادر فرنٽ لائين پوليو ورڪرن جي ڪُلهن تي آهي۔ اهي اميد جا اهي ڏيئا آهن، جيڪي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روشني ڦهلائن ٿا۔ نامساعد حالتن ۽ مشڪلاتن جي باوجود، اهي پنهنجا فرض ايمانداري ۽ عزم سان نڀائيندي هر دروازي تائين پهچن ٿا۔ اهي نه رڳو پنجن سالن کان گهٽ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا قطرا پيا وڃن، پر هڪ محفوظ ۽ پوليو کان پاڪ مستقبل جي به ضمانت ڏين ٿا۔ انهن جي لازوال قربانيون، انتھڪ محنت ۽ عزم ئي پوليو جي مڪمل خاتمي جي اصل قوت آهن۔

اڄ حڪومت پاڪستان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ اڳ کان وڌيڪ پرعزم آهي ۽ هن قومي مقصد جي حصول کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنجيده، اثرائتا ۽ منظم قدم کنيا پيا وڃن۔ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، ضلعي انتظاميا، بين الاقوامي ڀائيوار ۽ ڊونرز گڏجي ملڪ جي هر ٻار تائين ويڪسين جي وقت سر ۽ اثرائتي پهچ کي يقيني بڻائڻ ۾ مصروفِ عمل آهن۔

هاڻي وقت جو تقاضو آهي ته والدين، مقامي ڪميونٽيز ۽ ميڊيا گڏجي پنهنجي مثبت ۽ ذميواراڻي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪن، جيئن هر ٻار کي پوليو کان محفوظ رکيو وڃي ۽ اسان جو وطن هن موذي مرض کان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي۔ مهم جي ڪاميابي لاءِ انهن طبقات جو مڪمل تعاون ۽ عوامي سطح تي شعور اجاگر ڪرڻ جي گڏيل ڪوششون پوليو جي خاتمي ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪنديون۔ هڪ محفوظ، صحتمند ۽ پوليو کان پاڪ پاڪستان جو خواب رڳو انهيءَ گڏيل عزم ۽ عملي قدمن سان حقيقت ۾ بدلجي سگهي ٿو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.