ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي راڄ ڌاني ڪوئيٽا ۾ بي اين پي سربراهه اختر مينگل جي گاڏي ويجهو شاهواڻي اسٽيڊيم جي ٻاهران ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته 29 زخمي ٿي پيا. ڪوئيٽا سول اسپتال جي ترجمان ڊاڪٽر وسيم بيگ ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته 29 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ تي پهچي ويون آهن . بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت واقعي جي اعليٰ سطح تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي ۽ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته افواهن تي ڌيان نه ڏين ۽ ادارن سان تعاون ڪن.ٻئي طرف، وزير اعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي شاهواني اسٽيڊيم ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته هي ڌماڪو انسانيت جي دشمنن جي بزدلانه ڪارروائي آهي.