پنجاب ۾ اٽي اگهه ۾ واڌ، 10 ڪلو جي ٻوري 300 رپين تائين مهانگي

لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو لڳ ڀڳ 300 رپيا وڌڻ بعد 1000 رپين تائين پهچي ويو آهي. ٻوڏ واري صورتحال کان پوءِ پنجاب ۾ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ فلور ملز ايسوسيئيشن مطابق 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو لڳ ڀڳ 300 رپيا واڌ کان پوءِ 1000 رپين تائين پهچي ويو آهي. فلور ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ عاصم رضا مطابق 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت لڳ ڀڳ 2000 رپيا ٿي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت ڪڻڪ جي ٻين صوبن ڏانهن منتقلي تي پابندي لڳائي آهي، جنهن سبب ڪرپشن جي بازار گرم ٿي وئي آهي. عاصم رضا دعويٰ ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ 50,000 رپيا رشوت وٺي ٽرڪ کي پنجاب جي حدن کان ٻاهر وڃڻ ڏنو وڃي ٿو، هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملنديون. فلور ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ الزام هنيو ته ڪنهن خاص گروپ کي فائدو پهچائڻ لاءِ اها ساري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، اڳئين ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث ڪمپني کي ٻيهر نوازڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.

ڪراچي ۾ به اٽو مهانگو ٿي ويو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ به اٽو مهانگو ٿي ويو آهي. اٽي جي في ٻوري ڏيڍ سئو رپين تائين مهانگي ٿي وئي آهي. اٽو مهانگو ٿيڻ سبب ڏهاڙي ڪمائڻ وارا پورهيت پريشاني جو شڪار آهن،

پنجاب ۾ ماني 40 رپين جي ٿيڻ جو امڪان

لاهور (بيورو) پنجاب ۾ صرف 3 ڏينهن اندر ڪڻڪ جي قيمت ۾ 1400 رپين جي واڌ ٿي آهي، جيڪا 2100 رپين کان وڌي 3500 رپيا في من تائين پهچي وئي، اٽو مهانگو ٿيڻ ڪري ماني 40 رپين جي ٿيڻ جو امڪان آهي، ان حوالي سان پاڪستان ڪسان اتحاد جي چيئرمين خالد حسين باٺ انڪشاف ڪيو آهي ته ٻوڏ سبب لڳ ڀڳ 30 کان 35 هزار ڳوٺ ٻڏي ويا آهن جڏهن ته 20 کان 25 لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن، هن خبردار ڪيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪڻڪ، چانور، ڪپهه، ڀاڄيون ۽ لائيو اسٽاڪ جهڙين بنيادي خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان ملڪ ۾ خوراڪ جو بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي.

ڪڻڪ بحران جي ذميوار پنجاب حڪومت آهي: فلور مل ايسوسئيشن سنڌ

ڪراچي( رپورٽر) پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن سنڌ ڪڻڪ جي هٿرادو بحران پيدا ٿيڻ جو ذميوار پنجاب حڪومت کي قرار ڏيندي وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته ملز کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. رپورٽ موجب، پنجاب حڪومت پاران ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر تي لڳايل پابندي سبب ايندڙ ڏينهن ۾ بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو ۽ اٽي جو نئون بحران پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن. ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالجنيد عزيز ٻڌايو ته پنجاب حڪومت گذريل هفتي جي آخر ۾ اوچتو ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ پنجاب کان اڳ ڪڻڪ جو فصل فيبروري ۾ اچڻ شروع ٿي وڃي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته پنجاب پنهنجون ضرورتون پوريون ٿيڻ بعد اوچتو ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر تي پابندي لاڳو ڪئي، جنهن سبب سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪڻڪ جو مصنوعي بحران پيدا ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.