سنڌو درياءُ ۾ اٺ لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان آهي: ارسلان شيخ

 سکر (رپورٽر) ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته سنڌو درياءُ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ اٺ لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن⁠ ته 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي سکر ڊويزن ۾ هنگامي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. سکر بئراج جي گنجائش 9 لک 60 هزار ڪيوسڪ ۽ گڊو بئراج جي گنجائش 12 لک ڪيوسڪ آهي. هاڪاري ڳالهه اها به آهي ته پاڻي وقفي وقفي سان ايندو، جنهن سبب صورتحال کي بهتر نموني سنڀالي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ ڪنهن به بيراج کي ڪو به خطرو ناهي. هن چيو ته اڳواٽ تياري اسان لاءِ خوش قسمتي آهي، سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ آهي ۽ اسان هر ممڪن صورتحال لاءِ مڪمل تيار آهيون.. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌو درياءُ ۾ ٻوڏ جي موجوده صورتحال ۽ حفاظتي قدمن جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ترجمان سنڌ حڪومت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڊويزن ۾ 155 رليف ڪيمپون، 24 ميڊيڪل ۽ 27 لائيو اسٽاڪ ڪيمپون فعال آهن. ميئر سکر عوام کي اپيل ڪئي ته هو افواهن کان پاسو ڪن، حڪومت جي هدايتن تي مڪمل عمل ڪن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ تڪڙو رابطو مقامي ڪنٽرول روم يا ضلعي ايمرجنسي آپريشن سينٽر سان ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.