ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر/نمائندا) سنڌ جي مختلف ضلعن جي ڪچي وارن علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال بعد ماڻهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ جاري آهي. سنڌ جي ٽنهي بيراجن تي اڃا تائين هيٺين سطح جي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي. سنڌ حڪومت پاران 8 لک کان 13 ڪيوسڪ پاڻيءَ جو وهڪرو اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ضلعي ڪائونسل سکرطرفان ڪچي جي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل ڪيترن ئي خاندانن کي ٻيڙين وسيلي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. درياءُ ۾ چاڙهه سبب ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ڪوٽڙي بيراج وٽ سنڌو درياءُ ۾ چاڙهه سبب 78 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جتي متاثر ٿيل ماڻهن کي ٻيڙين تي محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻ شروع ڪيو آهي. ٺٽي ۾ ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. گهوٽڪي جي ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن، جتي به ماڻهن جي ٻيڙين تي لڏپلاڻ جاري آهي.سيوهڻ ۾ به ڪچي وارن مختلف ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. نوشهروفيروز سنڌو جي پاڻيءَ جي سطح لڳاتار وڌي رهي آهي، جتي ايس ايم بچاءُ بند تي پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي. ڪيترن ئي ڳوٺن جي پاڻي هيٺ اچڻ بعد ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڀارت پاران پاڻي ڇڏڻ بعد 12 کان 13 لک ڪيوسڪ پاڻي گڊو بيراج تائين پهچڻ وارو آهي. سنڌ حڪومت ڪچي جي ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي فوري طور تي پنهنجن مائٽن يا سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل رليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿي وڃن، هن چيو ته ٻوڏ گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تباهي مچائي آهي ۽ هاڻي ٻوڏ جو پاڻي سنڌ صوبي ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي. هڪ وڊيو بيان ۾ وزير چيو ته سنڌ حڪومت صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل قدم کڻي ورتا آهن ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص هدايتن تي سمورا وزير ۽ لاڳاپيل ادارا متحرڪ آهن. هن چيو ته ڪچي جي ماڻهن وٽ تمام گهٽ وقت بچيو آهي، تنهن ڪري ڪنهن به وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ وقت سر محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ ضروري آهي ته جيئن ڪنھن به وڏي نقصان کان بچي سگھجي. هن واضح ڪيو ته انتظاميا ميدان تي موجود ۽ سرگرم آهي ۽ ماڻهن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجن مٽن مائٽن يا رليف ڪئمپن ڏانهن منتقل ٿيڻ چاهين ٿا ته اهي محفوظ نموني وقت سر نڪري سگهن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن پاڻي پهچي ويو ته ماڻهن کي ٻيڙين ۾ ڪڍڻو پئجي سگهي ٿو، جيڪو هڪ وڏو چئلينج هوندو ۽ ان دوران حادثن جو خطرو پڻ ھوندو آهي. ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ريسڪيو 1122 طرفان بروقت ڪارروائي ڪندي سڪرنڊ جي ڳوٺ محسن شاهه مان 52 ماڻهن کي محفوظ جڳهه تي منتقل ڪيو ويو. منتقل ڪيل ماڻهن ۾ 14 ٻارڙا، 20 مرد ۽ 18 عورتون شامل آهن. سنڌ پرووينشل رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي سيل جي فوڪل پرسن زبير چنا موجب شهري بچاءُ واري عملي نه صرف انساني جانيون پر قيمتي سامان به محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو. دريائن ۽ بيراجن جي تازي صورتحال موجب ۔گڊو بيراج جو مٿيون وهڪرو 3 لک 60 هزار 777 ڪيوسڪ، هيٺيون وهڪرو 3 لک 45 هزار 373 ڪيوسڪ سکر بيراج وٽ مٿيون وهڪرو 2 لک 80 هزار 850 ڪيوسڪ، هيٺيون وهڪرو 2 لک 31 هزار 500 ڪيوسڪ ڪوٽڙي بيراج مٿيون وهڪرو 2 لک 73 هزار 844 ڪيوسڪ، هيٺيون وهڪرو 2 لک 44 هزار 739 ڪيوسڪ پنجند بيراج مٿيون وهڪرو 92 هزار 307 ڪيوسڪ، هيٺيون وهڪرو 78 هزار 337 ڪيوسڪ چنيوٽ پل وٽ آمد 1 لک 40 هزار 193 ڪيوسڪ ٽريمو بيراج وٽ پاڻي آمد ۽ نيڪال 5 لک 16 هزار 313 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. راوي وٽ پاڻي جي آمد ۽ نيڪال 1 لک 7 هزار 129 ڪيوسڪ سليمانڪي وٽ 1 لک 24 هزار 274 ڪيوسڪ ستلج وٽ آمد 84 هزار 889 ڪيوسڪ چشما بيراج آمد 2 لک 37 هزار 657 ڪيوسڪ، تونسا بيراج وٽ آمد 2 لک 32 هزار 997 ڪيوسڪ، نيڪال 2 لک 19 هزار 497 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.