ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڪميش جي چيئرمين جي چونڊ اخبار جي اشتهارن ۽ انٽرويو وسيلي ڪرڻ گهرجي، ڪميشن جي ميمبرن جو مالي اثاثن جو رڪارڊ پڌرو ڪيو وڃي، لکت ۽ جوابي امتحان جو وڊيو رڪارڊ ٺاهيو وڃي،عدالت اندر هلندڙ ڪيسن جي فيصلن تائين نئون امتحان ۽ ڀرتي نه ڪئي وڃي، ان کي پنجاب ۽ ڀارت وانگر حڪومت ۽ سياسي اثر کان آزاد ۽ خودمختيار بڻايو وڃي، سنڌ اسيمبليءَ اندر صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي شهري حقن تي بحث ڪيو وڃي، اها ڳالهه ڪالهه سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرس فورم طرفان پاڪستان آمريڪن ڪلچرل سينٽر (پي اي سي سي ) ۾ ” سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ اهليت جو سوال” جي موضوع تي هڪ ڪانفرنس ۾ ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي ) جي اڳواڻ سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن سنڌ جي نوجوانن جي حال ۽ مستقبل جو مسئلو آهي، جنهن جي پويان سنڌ حڪومت جي 18 سالن جي حڪمراني جو هٿ آهي، ڪميشن ۾ ڪرپشن ۽ قابليت سان ناجائزي خلاف ڪميشن جي چيئرمين جي چونڊ اخباري اشتهارن وسيلي انٽرويو وٺڻ بعد ٿيڻ گهرجي ۽ باقي ميمبر به پنهنجي قابليت جي صلاحيت تي مقرر ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته ڪميشن جي امتحان جو طريقيڪار جديد ٽيڪنالاجي جي بنياد تي نئين سر جوڙيو وڃي، پي پي پي جي بينظير ڀٽو جي دور ۾ چورن کي به پوليس ۾ ڊي ايس پي مقرر ڪيو ويو، مرحوم ذوالفقار ڀٽو به ائين ئي ڪيو هو، هاڻي ڪميشن جي امتحانن جو وقت مختصر ۽ نتيجا جلد ظاهر ڪيا وڃن، انهن ڳالهين مٿان پردو وجهڻ لاءِ صحافت کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، ڪيترن ئي ڪميشن پاس فردن جا امتحان ٻين ڏنا هئا ۽ سنڌ ۾ تباهي ٿي رهي آهي، ترقي پسند ليکڪ ڊاڪٽر توصيف احمد چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن ۽ قابليت جي بنياد تي ڀرتيون نه ٿيڻ سبب جماعت اسلامي جهڙيون رجعت پرست ۽ ٻيون جماعتون ڪرپشن سبب ڪراچي ۾ نفرت کي وڌائي رهيون آهن،صحافي مظهر عباس چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ايم آر ڊي کان "تغمه جمهوريت” تي پهچي ختم ٿي وئي هئي ۽ هڪ معاهدي تحت حڪومت ورتي وئي، پي ٽي آئي جي 70 سالن جي ڪينسر جي مريض عورت ۽ ٻين ڪارڪنن کي سزائن اچڻ تي سياسي جماعتون مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي، پ پ جي 18 سالن جي حڪمراني ۾ قابليت جو ڪلچر ختم ٿي ويو آهي، جنهن سان سنڌ جو ايندڙ نسل ۽ سنڌي قوم تباهه ٿي ويندي، ڪميشن ڏيو ۽ نوڪري وٺو جو ڪلچر سنڌي قوم کي تباھ ڪندو ۽ اهو سنڌي سماج کي غير سياسي بڻائڻ لاءِ منصوبا بندي تحت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ کي ٻوڏ نه پر ڪرپشن ٻوڙي ڇڏيندي،سنڌ پوليس آرڊر 2002 کي بلاول هائوس ۾ ويهي ختم ڪري ان جي جاءِ تي 1860 جو پوليس آرڊر لاڳو ڪيو ويو، پبلڪ سروس ڪميشن جي اندر ڪرپشن جو گهيرو ٿيڻ گهرجي، پروفيسر رياض شيخ چيو ته سنڌ ۾ گهوسٽ اسڪولن جو تعداد گهڻو آهي، اسان نصاب ۾ مائي جندو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻي هيرن جا سبق شامل ڪيا ته اسلام آباد ۾ حاضري ٿي، پبلڪ سروس ڪميشن جي لکت ۽ انٽرويو جو وڊيو ريڪارڊ ٺاهڻ گهرجي، سيمينار ۾ بئريسٽر صلاح الدين ،سعديه بلوچ، عارف نياز آرائين، حق نواز ٽالپر، صحافي امداد سومرو چيو ته پنجاب اندر پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن نه آهي، عدالتون ان ڪرپشن خلاف ڪجهه به نه ٿيون ڪري سگهن، 26هين ترميم بعد خود جج پنهنجي ترقي ۽ پوسٽنگ جي پويان آهن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ نوڪرين جو وڪرو نئين نسل جي مستقبل جو وڪرو ڪرڻ برابر آهي، ڪميش جي امتحانن ۾ پهريون وڏو حصو بلاول هائوس، ٻيو وڏي وزير جو آهي، 5 سيڪڙو قابليت جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون. هن وقت پبلڪ سروس ڪميشن جا مرد ۽ عورت ميمبر ڪرپشن ۾ هڪ جيترا ملوث آهن.