ڪالا باغ ڊيم نه ٺاهڻ ملڪ ۽ نسلن سان زيادتي آهي: گنڊاپور \ڪالا باغ ڊيم مئل گهوڙو آهي جيئرو نه ٿيندو: پ پ ۽ جي يو آءِ

اسلام آباد (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڪالا باغ جهڙو ڊيم نه ٺاهڻ ملڪ ۽ نسلن سان زيادتي آهي، معافي اسٽيبلشمينٽ وٺي، جنهن اسان جو ميڊيٽ چورايو، اسلام آباد جي خيبرپختونخوا هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته مريم نواز ٻوڏ دوران ڪال ڪئي جنهن تي سندس ٿورائتو آهيان، پنجاب کي ٻوڏ ۾ امدادي سرگرمين لاءِ مدد جي آڇ ڪئي آهي، ٻوڏ واري معاملي تي سياست نه ڪرڻي گهرجي، هن چيو ته ڪالا باغ ڊيم مان پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا کي پاڻي ملندو، سنڌ کي ڪالا باغ ڊيم بابت اعتراض آهن، ميز تي ويهي ڳالهه ڪريو، ڪالا باغ ڊيم ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي ڪري هي منصوبو رڪيل آهي، اهڙو ڊيم نه ٺاهڻ ملڪ ۽ نسلن سان زيادتي آهي، علي امين جو چوڻ هو ته ڊيم مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪو صوبو پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، مان هاڻي ئي پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ڀلي جتان به پورا ڪريان پر ملڪ لاءِ پنجاب پئسا نه ڏنا، ٻي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علما اسلام (ف) به علي امين گنڊاپور جي ڪالا باغ ڊيم واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جي يو آءِ (ف) جي ترجمان خيبر پختونخوا عبدالجليل جان منصوبي کي ”مئل گهوڙو“ قرار ڏيندي سوال ڪيو ته علي امين ٻڌائي ته هن 350 ڊيم ڪٿي ٺاهيا؟ پ پ جي جنرل سيڪريٽري همايون خان چيو ته ڪالا باغ ڊيم هڪ مئل گهوڙو آهي جيڪو ڪڏهن به جيئرو نٿو ٿي سگهي، علي امين گنڊاپور عوام کي ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.