گنڊاپور جون ست پيڙهيون به ڪالا باغ ڊيم کي جيئرو نٿيون ڪري سگهن: ايمل ولي

پشاور(عوامي آواز نيوز) عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ايمل ولي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جون ست پيڙهيون به ڪالا باغ ڊيم کي جيئرو نٿيون ڪري سگهن، ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت جذبن تي نه پر واپڊا جي پنهنجن انگن اکرن جي بنياد تي ڪيون ٿا، قوم کي ٽرڪ جي بتي پويان لڳائڻ بدران پاڻي جي مستقل حل ڏانهن وڌڻو پوندو، جيڪڏهن حڪومت وٽ ڪو منصوبو ناهي ته اي اين پي شفاف ۽ قابل عمل پلان ڏيڻ لاءِ تيار آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي وسيلن تي اختيار ڏنو وڃي، پهرين ڏاکڻي ضلعن کي سرسبز ڪنداسين، ڪنهن جي زمينون نه ٻوڙينداسين، جيڪڏهن وسيلن تي اختيار گهرڻ غداري آهي ته اها ”غداري“ سئو ڀيرا قبول آهي، هن چيو ته ڪالا باغ ڊيم مشرف جهڙي آمر کان به نه ٺهي سگهيو، عوام جي توجهه هٽائڻ لاءِ ڪوڙو شوشو ڇڏيو ويو آهي، ڪالا باغ کي قوم اڳ ئي دفن ڪري چڪي آهي، هاڻ ڪنهن جي پيءُ جي مجال ناهي ته مردي کي جيئرو ڪري، ڊيم ٻوڏ روڪڻ جو حل ناهي، ڊيم ٺاهڻو آهي ته ڀاشا ڊيم ٺاهيو، ڪالا باغ ڊيم پنجاب جي اشرافيه لاءِ ايريگيشن اسڪيم آهي، نه سستي بجلي ڏئي سگهي ٿو نه ٻوڏ  روڪي سگهي ٿو، هن چيو ته 1998ع ۾ ڪالا باغ ڊيم تي لاڳت 7 بلين هئي جڏهن ته ڀاشا تي صرف 1.5 بلين، ڪالا باغ 3 هزار ميگاواٽ جڏهن ته ڀاشا 5 هزار ميگاواٽ بجلي ڏئي سگهي ٿو، گنڊاپور ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ڪالا باغ جهڙا مدفون مردا اٿارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڪالا باغ ڊيم اسان جي لاشن مٿان ئي ٺهي سگهي ٿو، اسان کي خبر آهي ڪالا باغ ڊيم ڪنهن لاءِ گهرجي، سبز چولستان جو سبق اسان کي ابن ڏاڏن سيکاريو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.