مها ٻوڏ جي تياري آهي،بند مضبوط آهن:ڄام خان شورو

سکر/لاڙڪاڻو/نئون ديرو(نمائندا) سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ سکر بئراج تي هڪ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کيڙو، پي ڊي بئراج امپروومينٽ پروجيڪٽ پريتم داس، چيف انجنيئر سکر بئراج، گڊو بئراج، ڊولپمينٽ ون جي پي ڊي منصور ميمڻ ۽ چيني انجنيئرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير کي چيني انجنيئرن ۽ آبپاشي کاتي جي آفيسرن سکر بئراج تي جاري ڪم بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته امڪاني ٻوڏ جي صورتحال بابت پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو ڄام خان شورو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هر قيمت تي سنڌو درياءَ جي سڀني بندن جي 24 ڪلاڪ نگراني کي يقيني بڻايو وڃي، هوڏانهن  ڄام خان شورو بندن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ موريا لوپ بند جي دوري تي پهچي بند جي مضبوطيءَ واري هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو. دوري دوران چيف انجنيئر مختيار ابڙو صوبائي وزير ڄام خان شورو کي بندن جي هلندڙ ڪمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آبپاشي وزير موريا لوپ بند تي کاڌ واري جڳهه تي ٺهندڙ پٿرن جي شيلڊ ۽ هاڪي اسپر جي ڪم جو معائنو ڪيو. آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کي چيف انجنيئر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته موريا بند تي ٽي هيڊ اسپر جو هڪ پاسو لڙهي وڃڻ بعد درياهه جو وهڪرو سڌو بند سان لڳو. پاڻي جي ڪرنٽ کي موڙڻ لاءِ بند جي اندران پٿرن جي شيلڊ ۽ هاڪي اسپر ٺاهيو پيو وڃي. موريا لوپ بند جي دوري دوران صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب کي ٻوڙيندڙ پاڻي پکڙيل آهي پاڻي جڏهن مڪمل طور تي پنجنند وٽ پهچندو تڏهن پاڻي جي صحيح خبر پوندي. پاڻي ڪيترو به اچي اسان سپر فلڊ جي تياري ڪري رهيا آهيون. بند مضبوط آهن پاڻي آساني سان گذري ويندو. هن چيو ته  پهريان ٻوڏ جو پاڻي ايندو هو لاڙڪاڻي ضلعي کي آباد ڪندو وڃي منڇر ۾ پهچندو هو کاٻي پاسي کان نارا، نصرت، ڦليلي مان نڪرندو هو جيڪو ماڻهون ٻڌائيندا هئا ته درياءَ هوندو هو جنهن کي اسان زبردستي بند ڏئي بند ڪري ڇڏيو آهي ٻوڏ جو پاڻي اصل رستن تي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.