پاڪستان، روس-ڀارت لاڳاپن جو احترام ڪري ٿو، پر اسان به ماسڪو سان مضبوط تعلق قائم ڪرڻ چاهيون ٿا: وزيراعظم

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان روسي صدر ولاديمير پيوٽن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان روس سان ڀارت جي لاڳاپن جو احترام ڪري ٿو، پر پاڪستان به روس سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪي علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان واپار سميت مختلف شعبن ۾ روس سان سهڪار جو خواهشمند آهي.
ان موقعي تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن وزيراعظم شهباز شريف کي نومبر ۾ روس جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته روس پاڪستان سان ٻه طرفي لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو.
روسي صدر پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي به افسوس جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.