هيوسٽن(ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو دريائن جي وهڪرن کي روڪڻ، ڊيم ۽ ڪينالن جي اڏاوت، ٻيلن ۽ زمينن جي تباهي، سمنڊ، جبلن ۽ ماحول کي نقصان پهچائڻ کي سنڌ ۽ ملڪ ٻنهي جي مفاد جي خلاف قرار ڏنو آهي.
هن هيوسٽن ۾ شاهه لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ هيوسٽن جي سربراهه محمود ڏاهري جي رهائشگاهه تي سنڌي ڪميونٽي ۽ مختلف وفدن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه تي حملو، حقيقت ۾ سنڌ جي زندگي تي حملو آهي، اهو درياءُ صوبي جي پنج هزار سالن جي تهذيب جو اهڃاڻ آهي.
اياز لطيف پليجو پيپلز پارٽي سنڌو درياهه جي ڌاڙيلن سان گڏجي پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌ سان دوکيبازي ڪري رهي آهي ۽ سنڌ کي رڻ پٽ ۾ بدلائڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي، جنهن سبب صوبي جا وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيندا ۽ دٻاءَ هيٺ ايندا، جنهن جي نتيجي ۾ عوام ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت وڌندي.
اياز لطيف موجب، سنڌ کي دشمن جي سرزمين قرار ڏئي ٽڪرن ۾ ورهائڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي زمين ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته سنڌو درياهه تي رتوڇاڻ جو منصوبو، حقيقت زرعي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جڏهن ته سنڌ تي مسلسل پابنديون لاڳو ڪري عوام کي يرغمال بڻايو پيو وڃي، چونڊن کي به سنڌ جي وسيلن ۽ حقن کي دٻائڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي.
اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ دنيا کي امن، محبت ۽ جدوجهد جو پيغام ڏنو، پر اڄ پاڻ بُک، بدامني شڪار آهي، ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين ۾ ماڻهو هڪ وقت جي ويلي لاءِ ترسي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ کي ڪرپشن، سرداري نظام، شدت پسندي ۽ وڏيرا شاهيءَ جو مرڪز بڻايو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عورتون، ٻار ۽ اقليتي برادري غير محفوظ آهن ۽ نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ميرٽ جا در بند ٿي چڪا آهن.
هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته زرعي رٿائن جي نالي ۾ زمينن ۽ پاڻيءَ تي قبضو ترت روڪيو وڃي، سياسي جماعتون اقتداري مفادن لاءِ لساني ۽ انتهاپسنديءَ جي سياست ڇڏين، سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
اياز لطيف پليجو سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڏنو ته هو برابري، تعليم، صحت، ميرٽ ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.