پ پ، اي اين پي ۽ جي يو آءِ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ڪالا باغ ڊيم واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڊيم قبول نه ڪندي، علي امين گنڊاپور کي سياست سکڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا اُهي صوبا آهن، جيڪي اڳ ئي ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪري چڪا آهن.
پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جي اسيمبلي ڪالا باغ ڊيم جي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري چڪي آهي، شايد ان وقت علي امين سياست ۾ به نه هو.
نثار کهڙي چيو ته علي امين گنڊاپور ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ ڳالهائي ايوان جي توهين ڪري رهيا آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڊيم قبول نه ڪندي، ڇو ته اهو منصوبو سنڌ کي بنجر ۽ بُک مارڻ جو منصوبو آهي، ڀاشا ڊيم لاءِ قرض ورتو ويو، پر اڃا تائين اهو ڊيم ڇو ناهي ٺهيو؟
اي اين پي جي سربراهه ايمل ولي خان بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته ڪالا باغ ڊيم ٻوڏن جو ڪو حل ناهي.
جي يو آءِ (ف) خيبرپختونخوا جي ترجمان عبدالجليل جان منصوبي کي ”مئل گهوڙو“ قرار ڏيندي سوال ڪيو ته وڏو وزير ٻڌائي ته 350 ڊيم ڪٿي ٺهيا آهن؟
پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري همايون خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم مئل گهوڙو آهي جيڪو ڪڏهن به زندهه نٿو ٿي سگهي، علي امين گنڊاپور عوام کي رڳو ڌوکو ڏئي رهيو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري علي امين گنڊاپور جي ڪالا باغ ڊيم واري حمايت ڪندي سڀني صوبن کي گڏيل ايڪشن پلان ٺاهڻ جي تجويز ڏني هئي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ڪندي چيو هو ته صوبائيت جي چڪر ۾ هو سڄي پاڪستان کي نقصان نٿو پهچائي سگهي.
سنڌ کي اعتراض آهي ته ڳالهين جي ميز تي اچي، سڀني کي مطمئن ڪري مستقبل لاءِ ڪالا باغ ڊيم جهڙو منصوبو ضرور ٿيڻ گهرجي، صوبن جا خدشا ختم ڪري قومي مفاد ۾ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ گهرجي.
پ پ، اي اين پي ۽ جي يو آءِ پاران مخالفت، ڪالا باغ ڊيم مئل گهوڙو قرار، ”گنڊاپور عوام کي دوکو ڏئي رهيو آهي“
You might also like