ڪالا باغ ڊيم بابت گنڊاپور جو بيان ذاتي آهي، پي ٽي آءِ جي پاليسي ناهي: اسد قيصر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيئر اڳواڻ اسد قيصر واضح ڪيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم بابت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو بيان ذاتي آهي، اهو پارٽي جي پاليسي نه آهي.
اسد قيصر پنهنجي بيان ۾ چيو ته موجودا حالتن ۾ ڪالا باغ ڊيم جي ضرورت ناهي، هن وقت ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي سگهجن ٿا، علي امين جي پنهنجي علائقي ۾ چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال جو منصوبو آهي، جيڪو اتي جي پاڻي جي گهرج پوري ڪري سگهي ٿو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته تڪراري معاملن کي بنا ضرورت ڇيڙڻ سٺو عمل ناهي.
ياد رهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ڪالا باغ جهڙو ڊيم نه ٺاهڻ ملڪ ۽ ايندڙ نسلن سان زيادتي آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ کي ڪالا باغ ڊيم تي خدشا آهن ته ميز تي ويهي ڳالهيون ڪري، ڇو ته اهو منصوبو ملڪ جي ضرورت آهي پر سياست سبب رڪيل آهي.
علي امين جي بيان کانپوءِ پنجاب جي سڌسماءُ واري وزير عظميٰ بخاري به سندس موقف جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته ”مان ڪالا باغ ڊيم بابت پي علي امين جي بيان سان متفق آهيان.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.