ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي ماپ مرڪز موجب، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.4 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جي زمين اندر اونهائيي 22 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز افغانستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ هو.
ياد رهي ته پهرين سيپٽمبر جي رات آيل زلزلي سبب افغانستان ۾ 1400 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن، ان دوران پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ به جھٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.