شڪارپور سنڌ جو اهو ضلعو آهي، جنهن کي اتهاس ۾ پنهنجو الڳ ۽ منفرد مقام حاصل آهي. هي شهر هڪ وڏو واپاري ۽ ڪاروباري مرڪز رهيو آهي. جنهن جڳ جهان کي پهريون بئنڪاري نظام ڏنو. نه فقط اهو پر هن شهر هر دور ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ اهڙن عظيم ۽ مهان غير معمولي شخصن کي پنهنجي ڪُک ۾ جنم ڏنو آهي جن پنهنجو پاڻ ملهائي هن شهر جو نالو ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ مشهور ڪيو آهي. پوءِ چاهي سياست جو ميدان هجي يا ادب جو، تاريخ ۽ تحقيق جو شعبو هجي يا هنر، ڪاروبار ۽ واپار جو. راندين جو ميدان هجي يا موسيقي هجي شڪارپور شهر پنهنجو ڀرپور ۽ نمايان ڪردار ادا ڪري پاڻ مڃرايو آهي. هن شهر کي اهو وڏو اعزاز حاصل آهي جو هن شهر جي تاريخ، تحقيق، تنقيد، سياست، هنر، واپار ۽ شاعري جهڙي موضوعن تي ڪتاب لکيا ويا آهن. اتر سنڌ جو شايد ئي ڪو اهڙو شهر هجي جنهن تي ايترا ڪتاب لکيا ويا هجن.
حسيب ناياب منگي گهڻ پاسائي شخصيت جو مالڪ آهي. سٺو ۽ سگهارو مضمون نگار، شاعر، اديب ۽ شڪارپور جي تاريخ ۽ تحقيق جو نرالو ۽ منفرد نانءُ آهي. حقيقت ۾ هن شڪارپور جي ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون ۽ مقالا لکي پنهنجي شهر سان پنهنجي محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي. حسيب ناياب منگيءَ ادبي خدمتن ۽ تحقيقي ميدان ۾ پيار جي پورهئي ۾ پنهنجي وسان نه گهٽايو آهي. حسيب ناياب ”شڪارپور تي هڪ نئين نظر“ ڪتاب آڻڻ کان اڳ ۾ ضرور مشڪل مرحلن مان گذريو هوندو، خوب مطالعو ڪري نور نچويو هوندائين. تڏهن ئي هي شاهڪار ڪتاب منظر عام تي اچڻ ممڪن بڻيو آهي. خانگي ڪاليج ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي فخر محسوس ڪري رهيو آهي.
شيخ اياز بلڪل درست فرمايو آهي ته ”شڪارپور ڪيفيت جو نالو آهي“ حسيب ناياب منگيءَ جهڙا سماج جا سڄاڻ ۽ باشعور فرد ان ڪيفيت کان پاڻ کي ڪيئن ٿا الڳ ڪري سگهن. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ۽ شڪ ناهي ته زندگي جي ڪنهن به موضوع تي تحقيق ڪرڻ ايترو آسان ۽ سولو ڪم نه آهي ان لاءِ مسلسل مختلف مرحلن مان گذرڻ اڻٽر آهي، تڏهن ئي وڃي گهربل مقصد ۽ نتيجا پلئه پون ٿا.
تحقيق جو مطلب آهي علم جي تلاش، تحقيق جي ميدان ۾ حقيقتن کي منظم نموني سان ڄاڻڻ، ڪنهن به موضوع جا رهيل پاسا نمايان ڪري عوام کي آگاهي ڏيڻ آهي. يا پهريان کان موجود ڪنهن به معاملي تي ڪا نئين معلومات منظر عام تي آڻي سماج جي فردن کي نئين ڄاڻ سان سرشار ڪرڻ جو ڪم پورو ڪرڻ آهي. ڪنهن به علم، تاريخ يا واقعي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق لاءِ محققن جو ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو ۽ ان جي اخذ ڪيل نتيجن، بيانن ۽ واقعي جي اصل بنياد، ابتدا ۽ سببن تي ڀرپور نموني روشني وجهي ٿو.
اسان جڏهن حسيب ناياب منگيءَ جي شڪارپور متعلق تحقيق جو جائزو وٺون ٿا ته اسان کي هن کان سڀ لوازمات ملن ٿا جيڪا خوش آئنده ڳالهھ آهي. شڪارپور جي تاريخ جي مختلف پاسن ۽ پهلوئن کي تحرير ڪرڻ، سهيڙڻ ۽ مرتب ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ حسيب ناياب منگي ڪنهن به رسمي ۽ روايتي تعريف ۽ تعارف جو محتاج ناهي. هُو پنهنجي والد ”نقش“ ناياب منگيءَ جي ڇڏيل مشن ۽ نقش قدم تي هلندي وڏي سُرهائيءَ سان سرخرو ٿي رهيو آهي. حسيب ناياب منگي گذريل ارڙهن سالن کان شڪارپور جي تاريخ تي نئين انداز سان تحقيق ڪري پاڻ ملهائي رهيو آهي.
هن ڪتاب کان اڳ ليکڪ جا شڪارپور جي تاريخ تي ٻه ڪتاب مرتب ڪيل ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو ۽ ”شڪارپور تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ سمونڊ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپيل ڪتاب سندس تخليق آهي. حسيب ناياب منگي جو هي ٽيون ڪتاب ”شڪارپور تي هڪ نئين نظر“ ثقافت، سياحت، نواردات ۽ دستاويزات کاتو جي سهڪار سان ڪم ڪندڙ بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نوابشاھ پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. ليکڪ هي ڪتاب راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا، راءِ بهادر منشي ڏاندومل بلواڻي ۽ ديوان بهادر مرليڌر پنجابي جي نالي ارپيو آهي..
هن ڪتاب ”شڪارپور تي هڪ نئين نظر“ ۾ ليکڪ حسيب ناياب منگي چوڏهن مختلف موضوعن تي تحقيق جي روشني ۾ تمام جامع انداز ۾ لکيو آهي. هن ڪتاب جا چوڏهن موضوع ڪجھه هن ريت آهن. شڪارپور شهر جو بنياد، شڪارپور جون تاريخي جايون (جنهن ۾ سنڌ واھ واري مسجد ۽ جڳهھ، ايڪسائيز واري عمارت، سڪپل وغيره جو ذڪر ٿيل آهي.) شڪارپور جو هاٿيدر، شڪارپور جو شاهي باغ، اسڪائوٽ هيڊڪوارٽر شڪارپور، چيلاسنگھه ۽ سيتلداس ڪاليج، قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول (جيڪو هينئر هاير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ماڻي چڪو آهي)، راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال، پريتم ڌرم سڀاءَ شڪارپور، هريجن شيوڪ سڀاءَ شڪارپور، شڪارپور ۾ ڪانگريس جو قيام،سماڌا آشرم شڪارپور، کٽ واري درٻار شڪارپور، شڪارپور ۾ صحافت جون منزلون ۽ قدم شامل آهن.