ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ لائن لاسز جي بنياد تي مختلف علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف جماعت اسلامي ڪراچي جي امير پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڪيس ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيڻ بابت دليل طلب ڪيا. ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل بئرسٽر ايان ميمڻ موقف ڏنو ته سپريم ڪورٽ اڳ ئي فيصلو ڪيو آهي ته لوڊشيڊنگ جو معاملو ٽيڪنيڪل بنيادن تي نيپرا ڏانهن موڪليو وڃي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪي واهپيدار بروقت بل ادا ڪن ٿا يا بجلي چوري ۾ ملوث ناهن، انهن کي بجلي ملڻ گهرجي. جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته جيڪڏهن هڪ گهٽي ۾ رڳو هڪ گهر به بل ادا ڪري ٿو ته ان کي غير ضروري طور پريشان نه ڪيو وڃي. عدالت ڪي اليڪٽرڪ کان پڇيو ته پري پيڊ ڪارڊ سسٽم ڇو لاڳو نٿو ڪيو وڃي. وڪيل جواب ڏنو ته ان لاءِ پاليسي ٺاهڻي پوندي. عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪم اڄ شروع ٿئي ته پنجن سالن ۾ مڪمل ٿي سگهي ٿو. وڪيل چيو ته اها تجويز لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائي ويندي.